ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صدرِ آصف علي زرداري جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته صدرِ مڪمل طور تي ٺيڪ آهن، هاڻ قياس آرائيون بند ٿيڻ گهرجن، ملڪ ۾ اڃا تائين ڪورونا موجود آهي ۽ ڪيس اڃا به سامهون اچي رهيا آهن۔ ڪراچي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر عاصم ٻڌايو ته مون کي فون آيو ته صدر جي طبيعت خراب آهي، سيءُ لڳي اٿس ۽ بخار به آهي، سومر جي رات صدرِ کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو ۽ علاج شروع ڪيو ويو۔ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سوشل ميڊيا ۽ ڀارتي ميڊيا بي بنياد خبرون هلائي رهيون آهن. صدر زرداري مڪمل طور تي ٺيڪ ۽ ميڊيڪلي فِٽ آهن۔ ڊاڪٽر عاصم ٻڌايو ته صدر زرداري کي انهن جا اسپيشلسٽ ڏسي رهيا آهن، انفيڪشن ڪنٽرول جي ماهر ڊاڪٽر اسامه به صدر کي ڏسي رهيو آهي۔ صدر جي صحت بابت قياس آرائيون ڪرڻ مناسب ناهي، صدر زرداري جي صحت بابت “سياسي ڪورونا” چوڻ سراسر غلط آهي۔ اسان وٽ رڪارڊ موجود آهي ته ڪورونا جا ڪيس اڃا اچي رهيا آهن، پر اهو اڳئين ڪورونا وانگر سخت ناهي، هيءَ ڪورونا جو ٻيو قسم آهي، جيڪو ايترو خطرناڪ ناهي، ان جا ايترا منفي اثر به ناهن۔ هاڻ ڪورونا جي اينٽي وائرل دوائون به اچي ويون آهن جيڪي تمام اثرائتيون آهن۔ ڊاڪٽر عاصم جو وڌيڪ چوڻ هو ته سياسي مخالف جيڪي چاهين چون، اُهي ته هر ڳالهه کي سياسي رخ ڏئي ڇڏين ٿا، ڀارت ته اسان جو دشمن آهي ئي، پوءِ هتي جو سوشيل ميڊيا به ڀارتي ميڊيا مان شيون کڻي هلائي ٿو، جيڪو مناسب عمل ناهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه دوائون پاڪستان ۾ موجود نه آهن، اسپتال دوا جو انتظام ڪري پئي ، الله جي فضل سان صدرِ جي طبيعت بهتر ٿي رهي آهي، کيس هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو.
