ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صدر آصف علي زرداري جي نوابشاهه ۾ اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس فوري طور ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. جتي ڊاڪٽر عاصم حسين جي نگراني ۾ سندس علاج جاري آهي. ذريعن موجب صدر جون مختلف ٽيسٽون به ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته صدر زردراي ٽي ڏينهن اڳ عيد لاءِ پنهنجي اباڻي شهر پهتو هو. هن عيد واري ڏينهن پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون هيون.
