صدر زرداري سان چيني واپاري وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري بابت ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)بلاول هائوس ۾ صدر آصف علي زرداري سان چيني واپاري وفد ملاقات ڪئي.اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن ۽ چين جي قونصل جنرل پڻ شرڪت ڪئي.چيني وفد پاڪستان ۾ ميڊيڪل سٽي قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.چيني وفد زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ پيداواري شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ پڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو.آصف علي زرداري پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي عوام خاص ڪري سيڙپڪارن، ڪاروباري ادارن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ گهرجن.صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گهرا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن.هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا اهم معاملن تي گڏيل مفاد ۽ نظريا آهن.آصف علي زرداري چيو ته گوادر پورٽ کي علائقائي تجارتي ۽ اقتصادي حب طور ترقي ڏيارڻ منهنجو ويزن آهي. گوادر پورٽ نه رڳو علائقائي رابطن کي بهتر بڻائيندو پر علائقائي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي به فروغ ڏيندو.هن چيو ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪندو، چين سان اقتصادي لاڳاپن ۽ ڪاروبار کي ترجيح ڏيندو ۽ چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون ۽ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.صدر چيو ته سنڌ ۾ چيني ٻوليءَ جا ڪورس شروع ڪيا ويا آهن.هن اهو پڻ چيو ته چيني ٻوليءَ جا ڪورس پاڪستان ۽ چين جي عوام جي عوام ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو