صدر صحيح ڪري ڇڏي، 26 هين ترميم آئين جو حصو بڻجي وئي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)حڪومت پارليمان جي ٻنهي ايوانن مان 26 هين آئيني ترميم جو بل ٻه ڀاڱي ٽي جي گهربل اڪثريت سان منظور ڪرائي ورتو آهي ۽ اڄ سومر تي صدر ان بل تي صحيح ڪري ڇڏي ۽ گزيٽ نوٽيفڪيشن به جاري ٿي ويو آهي ۽ هي بل آئين جو حصو بڻجي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته اڄ ئي پارليمان جي 12 رڪني ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪا سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جو فيصلو ڪندي. 12 رڪني پارليماني ڪميٽي ۾ 8 ميمبر قومي اسمبلي ۽ 4 سينيٽر هوندا. جنهن ۾ سڀني پارٽين کي نمائندگي حاصل هوندي ۽ هيءُ ڪميٽي اختلاف راءِ جي صورت ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ڪنهن نالي تي اتفاق ڪندي ۽ پنهنجي سفارش وزيراعظم کي موڪليندي جنهن بعد وزيراعظم اهو نالو منظوري لاءِ صدر کي موڪليندو. سپريم ڪورٽ جو موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 25 آڪٽوبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي ۽ نئين چيف جسٽس جي مقرري هر حال ۾ حڪومت 24 آڪٽوبر تائين ڪندي. ٻطاهر لڳي پيو ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر فارِغ ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو