ڊيرااسماعيل خان: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ديني مدرسن جي معاملي کي غير ضروري طور تي منجهايو ويو آهي، اسان جو عالمن سان ڪوبه اختلاف نه آهي، اسان جي شڪايت صرف ايوان صدر ۽ صدر سان آهي، حڪومت جي منظور ڪيل بل تي صدر اعتراض ڇو ڪيو.هن چيو ته ايوان صدر ڏيڍ مهيني کان پوءِ مدرسن جي بل تي اعتراض ڪيو جڏهن 10 ڏينهن تائين اعتراض نه ٿئي ته اهو ايڪٽ بڻجي ويندو آهي، اسان جي دعويٰ آهي ته بل قانوني طور تي منظور ٿي چڪو آهي حڪومت گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڇو نه ڪري رهي آهي.ڊيرا اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ملاقاتون ٿيون شهباز شريف جي موجودگي ۾ مدرسي جي بل تي اتفاق راءِ ڪيو ويو. قانون واري وزارت انهي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ۽ اسان انهي کي قبول ڪيو انهي جي تياري ۾(ن) ليگ ۽ پ پ شامل هئي. انهي تي هاڻ آصف زرداري جي اعتراض جو ڪهڙو جواز آهي.هن چيو ته انهن سمورن معاملن ۾ رياستي ادارا موجود هئا. سمورن مرحلن ۾ اهي پاڻ شريڪ هئا، بل جي هڪ هڪ لفظ جي انهن کي خبر هئي هاڻ انهي کي تڪراري ڇو پيو بنايو وڃي. وفاق المدارس ۽ اتحاد مدارس دينيه سان تڪرار ڇو پيو اٿاريو وڃي. اسان جو ته انهن سان جهيڙو ئي ناهي، جنهن ڊرافٽ تيار ڪيو انهي جي چوڻ تي اچي هو گوڙ ڪري رهيا آهن ۽ تعليم واري وزارت سان جڙي وڃو يا سوسائٽي ايڪٽ سان اهو نئون سوال اٿاريو پيو وڃي.فضل الرحمان چيو ته چونڊن کان اڳ ڊرافٽ حڪومت تيار ڪيو هو انهي ۾ اسان رعايت ڏني هئي ته مدرسو چاهي سوسائٽي ايڪٽ سان جڙيل هجي يا تعليم واري وزارت سان حالانڪه انهي تي اسان کي خدشا آهن ته مدرسن جون نيون تنظيمون ڇو ٺاهيون ويون آهن؟ ڇا مدرسن جي انهن تنظيمن کي ورهائڻ ۾ ادارن جو هٿ نه هو؟ عالمن کي گذارش آهي ته جن ماڻهن اوهان کي ورغلايو ۽ ڀڙڪايو اوهان انهن جي اشارن تي هڪ محاذ کولي ڇڏيو آهي ساڳيا ئي ماڻهو انهي جا ذميوار آهن اوهان ڪنهن سان وڙهي رهيا آهيو؟ نه اسان جو عالمن سان جهيڙو آهي ۽ نه ئي اوهان جا مخالف آهيون.
نئون ڪوٽ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا، موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت،5 زخمي
عارف علوي کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
صدر مدرسي واري بل تي آئيني مدو گذرڻ کان پوءِ اعتراض ڪيو،مولانا
سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين: رياض چانڊيو
عبدالقادر شيخ پاران صحافي جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت،دعا
ڦليلي ٽانگا اسٽينڊ تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ معصوم نينگر فوت
توشه خانا ڪيس 2، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو
وزيرن جي غير حاضري، ڊپٽي اسپيڪر پاران ايوان نه هلائڻ جو اعلان
سنڌ جي 5 ضلعن جا ڊي سي ۽ اهم عهدن تي مقرر آفيسر تبديل
جيڪو فوج ۾ ناهي، ان تي فوج جا ضابطا ڪيئن ٿا لاڳو ڪري سگهجن؟
گڏيل قومن مان غزا ۾ فوري جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان دنيا جو بهترين ملڪ آهي
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي برقرار، انڊيڪس هڪ لک 14 هزار جي حد پار
ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي
جيڪب آباد واسي فوجي جوان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد
لولائي شاخ وٽ مقابلو ، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
سنڌڙيءَ ۾ گيس ليڪيج سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان فوت
بازئي فيصلو ڪالعدم، صاحب جو حڪم آيو ڪميشن ڪري ڇڏيو
صدر زرداري سان چيني واپاري وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري بابت ڳالهيون
توشه خانه 2، ايف آءِ اي بشريٰ جي ضمانت رد ڪرائڻ ۾ ناڪام