صدر ٽرمپ جي فون بعد، ڀارت ۽ پاڪستان ۾ رابطو،پاڻي جي ڊيٽاشيئر

اسلام آباد( اياز مهر) آمريڪي صدر جي پاڪستان ۽ ڀارتي وزيراعءمن سان فون تي ڳالهه ٻولهه بعد ٻنهي ملڪن ۾ پهريو ڀيرو سڌي ريت رابطو ٿيو آهي. ڀارت ۽ پاڪستان جي انڊس واٽر ڪمشنرز ٿيل رابطي ۾ سيلابي صورتحال بابت ڊيٽا شيئر ڪئي آهي. ڀارت جي واٽر ڪمشنر فون ڪري پاڪستان جي هم نصب کي ٻڌايو ته هنن ستلج درياءَ ۾ 24 هزار ڪيوسڪس وڌيڪ پاڻي ڇڏيو آهي. جنهن بعد بريڪي ۽ فيروزپور بيراجن وٽ پاڻي جو وهڪرو ڏيڍ لک ڪيوسڪس ٿي ويو آهي. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزارت جي ذريعن موجب ڀارت پاران ڏنل ڊيٽا سومر تي شام 7 وڳي تائين رڪارڊ ڪيل آهي ۽ امڪان آهي ته اڄ بيهر شام تائين ڀارت تازي ڊيٽا فراهم ڪندو. ڀارت ٽيون ڏينهن بنا ءڌائڻ جي سنڌو درياءَ تي قائم الچي ڊيم مان به پاڻي ڇڏيو هو جيڪو ڪالهه پاڪستان ۾ پهتو ۽ خيبرپختونخواه جي حڪومت الرٽ به جاري ڪيو هو. ياد رهي ته سنڌ طاس معاهدي موجب ڀارت قانوني طور پابند آهي ته دريائن م پاڻي ڇڏڻ کان اڳ پاڪستان کي آگاهه ڪري. سياسي مبصرن ڪشمير بابت پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد ٻنهي ملڪن ۾ سڌي رابطي کي بريڪ ٿرو قرار ڏيندي چيو آهي ته برف پگهري آهي ۽ ٻين معاملن تي به ڳالهه ٻولهه جو رستو هموار ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو