صدر ٽرمپ پاران 50 لک ڊالر ۾ گولڊ ڪارڊ وڪڻڻ جو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪيصدر ڊونلڊٽرمپ آمريڪي شهريت لاءِ گولڊ ڪارڊ 50 لک ڊالر ۾ وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ان سان آمريڪي خسارو گهت ڪرڻ ۾ مدد ملندي. دنيا جا امير ترين ماڻهو آمريڪا ايندا، هتي ڪاروبار ڪندا ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته هن اسڪيم مان روسي اشرافيا به فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته گولڊ ڪارڊ ٻن هفتن ۾ جاري ڪرڻ جو ارادو هي، اسين ان معاملي تي هر قانوني پهلو کان جائزو ورتو آهي. هن چيو ته گرين ڪارڊ کان گولڊ ڪارڊ تي سهولتون وڌيڪ هونديون ۽ شهريت به ملي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو