اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر مملڪت آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس 7 اپريل، سومر تي طلب ڪري ڇڏيو. ترجمان قومي اسيمبلي ٻڌايو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق اجلاس جي صدارت ڪندو. ترجمان وڌيڪ چيو ته، صدر مملڪت اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق (ون) تحت طلب ڪيو آهي.ترجمان قومي اسيمبلي موجب، اجلاس 7 اپريل جي شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.
