صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 16 جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي بهادر سپاهين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.صدر آصف علي زرداري ڏکڻ وزيرستان ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل جوانن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.هن ملڪ مان فتنا خوارج جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي فوج سان گڏ آهي.پاڪستان جي صدر چيو ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم ۽ انسانيت جا دشمن آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو