اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪشمير سان ٻڌي جي ڏهاڙي تي ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال سنگين آهي ۽ ڀارت ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کان محروم ڪري رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشميري عوام کي سخت رياستي جبر ۽ تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي، گڏيل قومن کي 77 سال اڳ ڪشميرين سان ڪيل واعدن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان هميشه پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺو رهندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته هو ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي، ڪشميري خوف ۽ دهشت جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرارن کي وڌيڪ ڊگهو نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مقامي ماڻهن جي حقيقي خواهشن کي دٻائڻ سان پائيدار امن حاصل نٿو ڪري سگهجي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سندن پرڏيهي پاليسي جو اهم ستون رهندو. سندس چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي مفاد ۾ عالمي برادري کي هندستان تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو ڪشميري عوام کي آزادي سان پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏئي. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هن موقعي تي هو بهادر ڪشميري عوام جي عزم ۽ همت کي سلام پيش ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي بنيادي حقن ۽ آزادي جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ بيشمار قربانيون ڏئي رهيا آهن.
ڪشمير خاطر ٽي جنگيون وڙهيون، 10 وڌيڪ وڙهڻيون پيون ته وڙهنداسين
اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ گوگل جيمنائي جو دلچسپ فيچر متعارف
چيني صدر سان زرداري جي ملاقات، سي پيڪ منصوبن ۾ تيزي تي ڳالهيون
ڪشمير مسئلو ڪنهن جنگ يا ڏاڍ سان حل نه ٿيندو
پاڪستان ۾ هر 25هون شهري هيپاٽائٽس سي جو شڪار
عام ماڻهو لاءِ علاج مهانگو، دوائن جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ
حڪومت ڪپهه جي پيداوار بحال ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي،مطالبو
چڙيا گهر لاءِ ايندڙ وقت ۾ غير مقامي جانور خريد نه ڪرڻ جو حڪم
آءِ جي سنڌ پاران ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت
وڪيلن ۽ ڊي آءِ جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، جاري ڌرڻو ختم
شرجيل جي چيني مينوفيڪچرز سان ملاقات، سيڙپڪاري جي دعوت
پاڪستان سميت دنيا ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي
ٽرمپ پاران غزه پٽي تي ڊگھي عرصي تائين قبضي ڪرڻ جو اعلان
جسٽس صلاح الدين پنهور سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج مقرر
ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه ويندو : مراد شاهه
لنجار جي سکر آمد،ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو
شرجيل پاران پرنس ڪريم جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
صدر ۽ وزيراعظم پاران ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو ڪشميري عوام کي خراج تحسين
عالمي برادري تي دٻاءُ وجهي ته ڪشميرين کي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏئي