صنعتڪار اثاثو آهن ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير صنعت، واپار ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته صنعتڪار اسان جو اثاثو آهن ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس صوبائي وزير صنعت ۽ واپار جي آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري صنعت، واپار محمد ياسين شر بلوچ، ايم ڊي سائٽ غضنفر علي قادري، يوسي چيئرمين لاله رحيم ۽ سائيٽ سپر هاءِ وي ڪراچي جا عهديدار پڻ موجود هئا. ايسوسي ايشن جي عهديدارن پنهنجن مسئلن کان صوبائي وزير صنعت، واپار ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي آگاهه ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪن. کاتو سائيٽ ۽ ٽائون پنهنجي دائري اختيار ۾ ڪم ڪن. هن چيو ته سائيٽ سپر هاءِ وي انڊسٽريل زون ۾ حددخيلن کي ختم ڪيو ويندو. عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته صنعتڪار اسان جو اثاثو آهن. انڊسٽريل زونن جي ترقياتي منصوبن ۾ ڪابه رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو