اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽر شيري رحمان صنفي بنيادن تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي جلد روڪڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته عدليا ۽ رياستي ادارن عورتن جي خلاف تشدد ۽ زيادتي جي ڪيس ۾ جوابدارن کي آخري انجام تائين پهچائڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿا، انهن ڪيسن کي ٻڌڻي لاءِ 480 خاص عدالتون موجود آهن پر ان جي باوجود تمام گهڻا ڪيس آهن، ٺهراءُ ۾چيو ويوته صنفي بنيادن تي تشدد ۾جوابدارن جي خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ جي ڪري افسوس جوڳن واقعن جي شرح وڌندي پئي وڃي، ٺهراءُ ۾چيو ويو ته صنفي بنيادن تي تشدد جي ڪيسن جي جاچ ۾ سنجيده خاميون آهن، حڪومتي ادارن جي غلفت ۽ عدالتن ۾ انصاف نه هجڻ سبب عورتن جي خلاف ڏوهه نه پيا روڪيا وڃن، ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته هي ايوان حڪومت کان گهر ڪري ٿو ته ان حوالي سان فوري ۽ اهم مثبت قدم کنيا وڃن، حساس ترين معاملي تي پارليامينٽ کي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو