سرحد(رپورٽ غلام عباس مهر)صوفي فقير انور علي شاهه بخاري جو ساليانو 60 هون عرس مبارڪ ٽئين ڏينهن به جاري رهيو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل لکن جي تعداد ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن درگاهه جهانپور شريف پهچي مرشد جي مزار تي حاضري ڀري دعا گھري، ميلي جي دوران ضلعي انتظاميه جي طرفان ڪيل انتظام صرف ڳالهين جي حد تائين رهيا، ٽرئفڪ پوليس اهلڪار مقرر نه ڪرڻ سبب ميلي ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊ رستا ٽرئفڪ جام ٿيڻ جي ڪري بند ٿي ويا ۽ ٽرئفڪ معطل رهي جنهن جي ڪري زائرين ڪيترائي ڪلاڪ ٽرئفڪ ۾ ڦاٿل رهيا جنهن بعد تنگ ٿي گاڏيون روڊن تي بيهاري ميلي ڏانهن هليا ويا جڏهن ته سڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيل پوليس اهلڪار به ميلو گھمڻ ۽ اوڳاڙي ڪرڻ ۾ مصروف رهيا ۽ ميلي ۾ ايندڙ ڪيترن زائرين جا بشني کيسا ڪٽي موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڪڍي ويا. ميلي ۾ صوفي راڳ جي محفل ۾ درگاهه جي گادي نشين فقير سيد سخاوت حضور بخاري ۽ ٻين صوفي راڳين انور سائين جا ڪلام ڳائي حاضرين کي جھومائي ڇڏيو. ميلي ۾ ثقافتي راند ملهه جا به مقابلا جاري آهن سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان جا ملهه پهلوان منٺار بگٽي ، جان محمد لنڊ، لالا رحيم خان، محمد خان ڦل، اعجاز ڦل، غلام شبير چاچڙ، جبار ڦل ۽ ٻين زور آزمائي ڪئي ۽ ماڻهن کان خوب داد وصول ڪيو ميلي جي آخري ڏينهن تي ملهه پهلوانن ۾ لکين روپين جا انعام پڻ ڏنا ويندا. ياد رهي ته ٻه ڏينھن اڳ صوفي سيد انور علي بخاري جي ميلي تان ھڪ فوجي اھلڪار سميت چار اغوا ٿيل ماڻھن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ٽن ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز پنھنجي جان ڇڏائڻ لا۽ حد جو تڪرار ڄاڻائي اغوا جي رپورٽ به داخل نه ڪري سگھيا مغوين جا وارث ٽنهي ٿاڻن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن.مغوين جي اغوا جي تصديق ڌاڙيل راحب شر بخشو شر پاران مغوين جي وارثن کان ويهه لک ڀنگ طلب، ڀنگ نه ڏيڻ تي مغوين جي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. مغوين جو ايس ايس پي گھوٽڪي سان رابطو نه ٿي سگھيو، پوليس جي نااھلي کان مايوس مغوين جي وارثن چيف آف آرمي اسٽاف کان ھڪ فوجي اھلڪار سميت چار مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري
جسٽن بيلڊوني تي جنسي هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل
سنڌيار ڪراچي 22 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 22 ڊسمبر 2024ع
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل