طفيل مگسي
سنڌي.اردو ۽ سرائيڪي ٻولين جي عالمي شهريت رکندڙ راڳي عابده پروين 22فيبروري1954ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.هن جو والد غلام حسين شيخ ۽ والده ممتاز بيگم ٻئي راڳي ۽ موسيقار هئا.جيتوڻيڪ پنهنجي ئي گهر ۾ موجود موسيقي جي ماحول کان متاثر ٿي.هن ننڍپڻ ۾ ئي موسيقي ۾ دلچسپي ورتي.موسيقي ۽ راڳ جي تربيت هن پنهنجي والد استاد غلام حيدر شيخ کان حاصل ڪئي.جنهن کانپوء ھن استاد سلامت علي خان ۽ استاد منظور علي خان جي شاگردي ورتي.عابده پروين 1975ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سينئير پروڊيوسر غلام.حسين شيخ سان شادي ڪئي.جنهن منجهان هن کي ٽي ٻارڙا ٿيا يعني پره.مريم حسين ۽ سارنگ لطيف.عابده پروين ڳائڻ جي شروعات سنڌ جي اوليائن ۽ صوفين جي درسگاهن کان ڪئي.جنهن کانپوء ھوء ريڊيو ۽ ٽي وي جي اسڪرين تائين پهتي.پنهنجي صوفياڻي ۽ وجد واري راڳ جي سبب هوء صوفي موسيقي جي راڻي جي حيثيت سان نوازي وئي.عابده پروين جيڪا عالمي شهريت حاصل ڪرڻ واري پاڪستان جي پهرين راڳي بڻجي وئي.هوء امريڪا.برطانيه .دبئي.ڀارت ۽ يورپ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آھي.هوء ھن وقت پاڪستان ۾ سڀني کان فيس وٺڻ واري ۽ مصروف ترين راڳي آھي.عابده پرويندرگاه حضرت سلطان باهو جي فرزند نجيب سلطان جي مريدياڻي آھي.2010ع ۾ هن کي دل جو دورو پيو.جنهن کانپوء هن انجيئو گرافي ڪرائي ڇڏي آھي.عابده پروين کي راڳ جي راڻي جي لقب سان به نوازيو ويو آھي.پاڪستان جي حڪومت جي طرف کان سڀ کان وڏي اعزاز سان نوازيو ويو آھي.پاڪستان جي حڪومت طرفان هلال امتياز ۽ ھڪ ٻيئي سويڪين امتياز سان نوازيو ويو.عابده پروين 1990ع ۾ پنهنجي اباڻي شھر لاڙڪاڻي کان هجرت ڪري ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم