طالبان کي آباد ڪرڻ جو فيصلو، عمران، باجوا ۽ فيض جو هو، خواجا آصف

اسلام اباد(بيورو رپورٽ) دفاع واري وفاق وزير خواجا آصف چيو آهي ته جنرل باجوا، جنرل فيض ۽ عمران خان طالبان کي پاڪستان ۾ آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ دهشتگرديءَ خلاف ڪا به جنگ نه وڙهي، هي جنگ ان وقت جي حڪمرانن جي مفادن لاءِ هئي. هن چيو ته آمريڪا عراق، افغانستان، شام ۽ لبيا ۾ جنگيون دهشتگرديءَ خلاف نه پر پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ وڙهيون، اها جنگ اسان شروع نه ڪئي، انهن سمورين جنگين ۾ آمريڪا ڪڏهن ڪنهن سان ۽ ڪڏهن ڪنهن سان گڏ هو. پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن تي وڙهي رهيو آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ جيڪا به دهشتگردي ٿي رهي آهي، اها آمريڪا طرفان افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيارن جي ڪري آهي، آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته اسان کي هٿيار اتي نه ڇڏڻ گهرجن ها ۽ جيڪڏهن آمريڪين کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿي رهيو آهي ۽ هو ڇڏيل هٿيار واپس ڪرئين ٿا ته ان سان دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ ڪاميابي جا امڪان وڌي ويندا. پي ٽي آءِ سان مفاهمت واري سوال تي هن چيو ته هو ته حملا ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ ته مزاحمت ٿيندي آهي. آمريڪي صدر کي عمران خان پاران خط لکڻ واري سوال تي هن چيو ته اڳ ۾ خط بازي ملڪ ۾ ٿي ۽ هاڻي عالمي سطح تي ٿي رهي آهي، ان جو حشر به ساڳيو ئي ٿيندو. جڏهن کائنس پڇو ويو ته طالبان کي پاڪستان ۾ آباد ڪرڻ جو رڳو عمران خان ذميوار آهي ته هن چيو ته عمران خان، جنرل باجوا ۽ جنرل فيض جو گڏيل فيصلو هو، فيض ته اندر آهي پر باجوا ته ٻاهر آهي ان کان پڇڻ گهرجي. پرويز خٽڪ کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو دفاع ڪندي هن چيو ته خٽڪ کي پي ٽي آءِ صوبي ما مرڪز ۾ آندو جيئن هو ڪرپشن ڪري سگهن ۽ اها هاڻي به جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو