طبقات، سياست ۽ معاشرو

رياض ابڙو
ماڻهن جو هڪ خاص مائيڊ سيٽ يا لاڙو به هجي ٿو، هر ماڻهوءَ ۾ پنهنجو پنهنجو ٽيلينٽ به آهي، ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪ خاص طاقت تخليقي طاقت به هوندي آهي، ماڻهن جو دماغ ۽ سوچن جي صلاحيت به هڪ زبردست طاقت رکي ٿي، معني ڪنهن جو دماغ ڪجھ ته ڪنهن جو دماغ ڪجھ سيڪڙو ڪم ٿو ڪري. هر ماڻهوءَ ۾ پنهنجي پنهنجي هڪ ڪائنات وسي رسي ٿي، هر ماڻهوءَ ۾ پنهنجو فن هوندو آهي، سڀ ڪرت سان لڳل هوندا آهن، وري ماڻهو جيترا به انٽرويوز ڏئي، پر ٿيندو اهو جيڪو هو ان جي صلاحيت رکي ٿو، يا چئجي ته ماڻهو مدرسن مان ڀڄي راڳي ٿي ٿو وڃي يا ماڻهن جي وچ ۾ رهي انهن جي رهبري ڪري ٿو وٺي، ڳالھ اندر جي ”انٽرنزڪ پاور“ جي به هوندي آهي ته ماڻهن جو اندر ڇا ٿو طلبي، ماڻهن جو دماغ ۽ سوچ انهن جي جسم کي ڪاڏي وٺي ٿي وڃي، ماڻهو ڪهڙي ڪرت ۾ سڪون محسوس ٿو ڪري، ماڻهو پاڻ کي مندر ۾ ويهاري خوش آهن، يا ماڻهو پاڻ کي ڪليسا جي طرف ٿو ڌڪي، ماڻهن جي اندر ۾ ڪا مسجد يا چرچ يا ڪا گردوارا رچي ٿي وڃي يا ڪجھ ٻيو. معني ماڻهو پنهنجي ”مائيڊ سيٽ“ تي رستا گهڙي ٿو پوءِ اهي ”مائينڊ ميچ“ ڪهڙا به هجن، هر ماڻهوءَ جي سوچ ۽ ڳالهائڻ ۾ هڪ سڀاءُ ۽ هڪ مقناطيس به پنهان آهي. هر ماڻهو هڪ خاص ”فريڪئينسيءَ“ ۾ رهي ٿو، وري ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سان اٽيچ يا واڳيل رهي ٿو. ڪنهن جي طبيعت ڪنهن سان ٿي ملي ته ڪنهن جي ڪنهن سان. ماڻهو سڀ ڪم به نه ٿو ڪري سگهي، ڀلي ڪير ڪيترو به عقلمند هجي. پر پوءِ به ڪو نه ڪو قبلو يا مرڪز اندر ۾ رکي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن جي پوئواري ڪري ٿو، يا ڪنهن نه ڪنهن جي اڳواڻي  ڪري ٿو. وري سياست ۽ اڳواڻي هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي هوندي، پر پوءِ به سياسي رنگ هر ملڪ ۾ آهن ته سهي، ڪٿي شهنشاهيت آهي، ڪٿي چونڊون ٿيون ٿين، ڪٿي بادشاهت آهي، ڪٿي صدارت، ڪٿي وزيراعظم، ڪٿي گورنر، ڪٿي رڳو صدر، ڪٿي رڳو وزيراعظم وغيره وغيره، معني اهڙي طريقي اهڙا حڪومتن جا سيٽ اپ آهن ئي آهن ۽ هلندا رهن ٿا. انسان ٻِرُن، چُرن ۽ جبلن جي غارن مان نڪري ڳوٺ، محلا، شهر ۽ ملڪ جوڙي ورتا پوءِ جتي انهن کي روحاني رهنمائن جي اوڻاٺ به رهي ٿي معني مذهب، ۽ اتي سياسي رهبرن جي گهرج به رهي ٿي.
اسان وٽ ”پاورڊسٽينس“ تمام شديد رهندو آيو آهي، معني وڏا ماڻهو ننڍن ماڻهن سان نه ٿا ملي سگهن ۽ جيڪي طبقا هڪجهڙي ڪلاس ۾ وسن رسن ٿا، اهي هڪٻئي سان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ملي سگهن ٿا، انهن جي ملڻ ۽ ڳالهائڻ، اٿڻ ويهڻ تي ڪا به پابندي ناهي هوندي. ان ڪري ”پاور ڊسٽينس“ جو تصور رڳو غريب ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي غريب طبقن ۾ آسري واري زندگي گذارين ٿا. انهن کي اهو آسرو هوندو آهي ته هي جيڪو هاڻي وزير بڻبو آهي، اهو اسان کي ارسا کان پاڻي پورو پورو ڏياريندو، هي هاڻي جيڪو صدر ٿيو آهي اهو اسان کي اين ايف سي ايوارڊ جا پيسا مهل تي پورا پُنا ڏياريندو، هي جيڪو وزير آهي هاڻي هي اسان جي بنيادي سهولتن جي ڳالھ ڪندو، هي وزير هاڻي اسان جي لاءِ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، اسپتالون، روڊ، رستا، روزگار ۽ صنعتون هڻائيندو ۽ ملڪ خوشحال ٿي ويندو. ان ڪري ته ماڻهو جيڪڏهن پنندا ته رياست به پنندي ۽ عام ماڻهو جيڪڏهن خوشحال هوندا ته معني رياست کي ٽيڪس ملندي ۽ رياست به اڏجي ويندي، پر ”پاور ڊسٽينس“ پوءِ به رهندو ايندو، ان ڪري ايشيائي ملڪن ۾ اهو وڏو الميو رهندو ٿو اچي جيڪو گهٽ ۽ جهڪو نه ٿنيدو.ٻاهرين ملڪن ۾ اها (طاقت واري وٿي) آهي پر ايتري ناهي، ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ بغير ڪنهن پروٽوڪول جي گهمي ڦري سگهن ٿا، وزيراعظم ۽ صدر روڊن تي ۽ سائيڪلن تي گهمندي ڏيکاريندا ويندا آهن، ۽ ڪو به وزير ۽ ڪبير ان ڳالھ جو مجاز ناهي ته ان جي گهر جا ٻاهران ڪو ڪمانڊوز جو جٿو بيٺو هجي، يا اهو اعلي آفيسر ۽ وزير جڏهن روڊن تي اچي ته ٽريفڪ ئي جام ٿي وڃي. معني خاص ماڻهو اهي جيڪي سرڪاري عهدن تي هوندا آهن، اهي جيڪي وزير ۽ امير هوندا آهن، انهن سان عام ماڻهوءَ جو ملڻ مشڪل هوندو آهي. اها هڪڙي ٻي ڳالھ آهي ته ماڻهو حڪومت هتي ڪندا آهن پر مال روڙي ميڙي ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون ٺاهنيدا آهن (جيڪو الزام ٽرمپ تي به آهي) اتي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجا ٻار ٻچا پڙهائيندا آهن ۽ اسان وٽ به انهن جو راڄ هوندو آهي. هتي اهو به روا آهي ته عام مدرسن يا اسڪولن مان پڙهيل لکيل ماڻهن جي دال نه ٿي ڳري، معني اهي وڏين نوڪرين ۾ ناهن ۽ نه ئي ڪنهن ڪمپنيءَ جا سي وي اوز يا پريذيڊنٽ هجن ٿا، پر جيڪو ماڻهو ٻاهرين ملڪن ما پڙهي ٿو اچي اهو هتي راڄ ٿو ڪري. اها به حقيقت آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ انهن جي اميرن ۽ وزيرن کي ڪو خاص پروٽوڪول ناهي هوندو، پر اسان وٽ اهو زبردست مائينڊ سيٽ آهي ته جيڪو وري اهڙو پروٽوڪول نه ٿو رکي ته اهو ڪنهن ڪم جو ناهي. جيڪو رشوت جا مال روڙي ۽ ميڙي مال ملڪيتون ٺاهي پاور ۽ سوشل ڊسٽينس رکي ٿو، اهو ئي ڪنهن ڪم جو آهي يا اثر رسوخ وارو اهو ئي آهي. اسان وٽ حيثيت ۽ سماجي ليول رڳو پيسو آهي، نه ئي ڪنهن جي بزرگي يا وڏپڻو يا عمر جي ڪا حڊ، ان ڪري جيترو پيسو اوتري لئي ۽ عزت.بهرحال، ماڻهو جڏهن طاقت ۾ ٿو اچي، جڏهن عام ماڻهوءَ مان خاص ماڻهو ٿو ٿئي، تڏهن اهو هڪ “اسپيس“ مينٽين ٿو ڪري، جئين ماضيءَ ۾ (ڀٽي صاحب جي دور ۾) فيڊرل سيڪيورٽي فورس هوندي هئي، پر هاڻي ٻيون ڪمانڊو فورسز هجن ٿيون، جيڪي وزيراعظم، وزيراعلي يا خاص وزيرن ۽ صدرن لاءِ خاص هونديون آهن. اهي حڪمران ڄاڻي ٻجهي پاڻ کي عام ماڻهن کان پري رکندا آهن، انهن کي ڪرسي ملڻ شرط عام ماڻهن مان خطرو هجي ٿو، ان ڪري اهي ڊڄي ڊڄي حڪومت جا چند سال ڪٽي وري ٻاهرين ملڪن ۾ رهائش پزير ٿي ٿا وڃن، جيڪي ووٽن وٺڻ مهل ماڻهن جي وچ ۾ ويهندا آهن، پر پوءِ به اهي ائين گُهلي ملي ناهن رهندا، جئين عام ماڻهو رلي ملي ٿو. مثال ائين به آهي ته عام ماڻهو جيڪي جڏهن پڙهي لکي وڏو ماڻهو يا وڏو گزيٽ آفيسر ٿو ٿئي تڏهن اهو عام ماڻهن سان ملڻ ۾ ڊسٽينس يا اسپيس ٿو رکي، هو جنهن تنهن سان نه ٿو ملي، ٽائيم وٺڻو ٿو پئي، اهڙن ماڻهن سان ملڻ لاءِ جيڪي فورسز ۽ پروٽوڪول ۾ ٿا هلن. اهي هڪ خاص طبقي جا ماڻهو ٿي ٿا وڃن، جنهن سان ملڻ مشڪل يا ناممڪن ٿي پوندو آهي. جيڪي ماڻهن تائين يا عام عوام تائين وڏا ”سيڪيورٽي جا ليئرز“ ٿا رکن. مثال انهن ماڻهن سان ملڻ لاءِ ”ريسيپشن“ (اسقباليي) تي وڃڻو ٿو پوي، اتي پهرين پنهنجو نالو لکراڻو ٿو پوي، ويٽنگ ايريا ۾ ويهڻو ٿو پوي وغيره وغيره. وري جيڪي ڪنهن وزير يا صدر جي ڪرسي تي ٿا ويهن، تڏهن عام ماڻهو صرف انهن کي صرف ٽي وي تي ڏسي يا ريڊيو تي ٻڌي ٿا سگهن، اخبارن ۾ پڙهي ٿا سگهن، يا اهي عام ۽ غريب ماڻهو پوءِ رڳو انهن جي وڏين گاڏين جي پويان ڊُڪي ڊوڙي  ٿا سگهن، باقي انهن جي ڪم ڪارين جي پورائي کان ڳالھ چڙهيل هوندي آهي، پوءِ اهي اعلي آفيسر، وزير ۽ امير عام ڀلائي جا ڪهڙا ڪم ڪندا، پوءِ اهي آسرا آسرا ئي رهجي ٿا وڃن. ان ڪري ته ماڻهن سان ملن ته خبر پوي، ڀٽي صاحب جي دور ۾ هر شهر ۾ عام بيٺڪ لڳندي هئي، ڀٽو صاحب غريب ماڻهن کان انهن جا مسئلا پڇندو هيو، پڙهيل لکيل ماڻهو درخواستون کڻي ويهندا هيا ۽ انهن جي ڏنل درخواستن تي عمل به ٿيندو هيو، پر هاڻي ائين ناهي.وري ائين ته سياست اڻٽر آهي، سياست کي جي ماڻهو ٽاري يا ڪجھ به نه سمجهي ته پوءِ اها سياست ڪير ڪري؟ يا ڪير ته ڪري؟ جي اسان نه ٿا ڪيون ته اسان جي مٿان ڪير به اچي اها سياست ڪندو، ماڻهن جي اندر جي به هڪ سڪت ٿئي ٿي، معني جيڪي ماڻهو اهو ڀُتو ڀائن ٿا ته اهي ماڻهن جي اڳواڻي ڪري سگهن ٿا ته پوءِ بي ڌڙڪ ڪن ٿا، ڇو ته ماڻهن جي ليڊر ٿيڻ ۾ انهن جي پنهنجن ماڻهن جو جياپو هوندو آهي ته پوءِ اهي سيياست ضرور ڪن. انهن جي اندر جي اڳواڻيءَ واري طاقت انهن کي جتي پنهنجي ملڪ ۾ پذيرائي ڏيندي، اتي هلي هلي ٻين ملڪن جو به رهبر ۽ اڳواڻ ثابت ڪندي. ماڻهو ته ھاڻي ڪو ان انتظار ۾ ٿورئي آهن ته انهن جي لاءِ ڪا آسماني مخلوق ايندي، جيڪا انهن جي لاءِ اهي قانون جوڙي ڏيندي، اسان جي سياسي رهنمائي ڪندي، اسان جي سورن جو سامان آڻيندي. پر اسان ته پاڻ ئي آهيون جيڪي اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ جي لاءِ آهيون. اسان کي اهڙي سياست ڪري دنيا جي مادي ضرورتن جو پورائو ڪرڻو پوندو. مثال جنگين ۾ جڏهن اسان تلوارن کان توپن ۽ هاڻي ”بايولاجيڪل وارز“ جي ڳالھ ٿا ڪيون معني ملڪن تي وائرس جا حملا ڪرڻ ممڪن آهن. ماڻهن کي جيڪڏهن ”ڊي گلوبلائيزيشن“ جي ڪري پنهنجن ئي ملڪن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو ته پوءِ اها ئي اڳواڻي ۽ سياست ئي هوندي جيڪا انهن کي جيئڻ جا سامان مهيا ڪندي، اسان جي ملڪن جي حڪمراني هلائڻ وارا اهي ئي سياستدان هوندا جيڪي پنهنجن ملڪن جا گاڏا گيڙيندا، ان ڪري طبقات، سياست ۽ معاشري کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو