طلاق کان پوءِ سخت تنقيد ۽ بائيڪاٽ کي منهن ڏنو: اظفر علي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر اظفر علي شوبز انڊسٽري ۾ هڪ مشهور نالو آهي. هن ڪيترن ئي مشهور شوز جي پويان تخليقي ذهن طور ڪم ڪيو آهي ۽ انڊسٽري ۾ ڪيترائي نوان چهرا متعارف ڪرايا آهن، سندس مزاحيه ٽائمنگ ۽ ماني سان جوڙي کي اڃا تائين يادگار جوڙي سمجهيو ويندو آهي، اظفر علي جي پهرين شادي اداڪاره سلميٰ حسن سان ٿي هئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ آهي. بعد ۾، هن مشهور اداڪاره نوين وقار سان ٻي شادي ڪئي، پر اهو رشتو به گهڻو وقت نه هلي سگهيو ۽ طلاق تي ختم ٿيو، اظفر علي تازو ئي هڪ شو ۾ نظر آيو، جتي هن پنهنجي زندگي جي هڪ ڏکئي دور بابت کليل طور تي ڳالهايو، هن چيو ته جڏهن منهنجي پهرين شادي ختم ٿي وئي ۽ مون ٻي شادي نوين وقار سان ڪئي ته مون کي سخت تنقيد ۽ بائيڪاٽ جو سامنا ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو