طورخم بارڊربند، پاڪستان روزانو 3 ملين ڊالرن جي واپار کان محروم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪ-افغان سرحد تي تڪراري علائقن ۾ تعميرات تي ڇڪتاڻ سبب طورخم واپاري ڪراسنگ اڄ پنجين ڏينهن به بند رهي. ڪسٽم اختيارين موجب، طورخم بارڊر ڪراسنگ ذريعي پاڪ-افغان ٻطرفي واپار سميت هر قسم جي حرڪت کي معطل ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ روزانو سراسري طور تي 3 ملين ڊالر جي ٻطرفي واپار کان محروم آهي، جنهن ۾ 1.6 ملين ڊالر جي درآمد ۽ 1.5 ملين ڊالر جي برآمد شامل آهي. آفيسرن چيو آهي ته گذريل چئن ڏينهن ۾ 12 ملين ڊالر جو ٻطرفو واپار نه ٿيو آهي.اميگريشن عملدارن موجب، روزانو سراسري طور تي 10,000 ماڻهو طورخم سرحد پار ڪري افغانستان ۾ داخل ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو