ڪراچي(ويب ديسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسٽار بيٽسمين ظهير عباس چيو آهي ته ورلڊ ڪپ جي موقعي تي چيف سليڪٽر کي استعيفيٰ نه ڏيڻ گهرجي ها.ڳالهائيندي ظهير عباس چيو ته دنيا ۾ اهڙو ڪو مثال نه ٿو ملي ته ڪا ٽيم ورلڊ ڪپ کيڏڻ وئي هجي ۽ ڪنهن استعيفيٰ ڏني هجي.هن چيو ته ان جو مطلب اهو آهي ته چيف سليڪٽر جي ذهن ۾ ڪجهه هو ته هن اهڙي اهم موقعي تي استعيفيٰ ڏني.اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي خراب ٿي وئي، ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ تمام ضروري هئي، اها تباهه ٿي وئي آهي.ظهير عباس چيو ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته نمبر ون ٽيم اهڙي پرفارمنس ڏيکاري رهي آهي، اڳ ۾ ڏٺو ويو ته ڀارت خلاف شڪست کانپوءِ ٽيم خراب پرفارم ڪرڻ شروع ڪئي ان ڪري اهو ڪپتان ۽ ڪوچ جو ڪم آهي ته مورال بلند ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ جا منتظم يا ته اهي ماڻهو هوندا آهن جن کي ڪرڪيٽ سمجهه ۾ نه ايندي آهي يا وري سياست ڪرڻ وارا هوندا آهن، آرگنائيزر کي ڪرڪيٽ سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته پوءِ نتيجو اهو ئي نڪرندو.اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته ماڻهو ڪرڪيٽ کي تباهه ڪرڻ جي پويان آهن، الله جي واسطي ڪرڪيٽ رانديگرن کي ڏيو.
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار