لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سپر اسٽار بيٽسمين ظهير عباس کي انٽنيشنل ڪرڪٽ جي هال آف فيم ۾ شامل ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني کيس مبارڪباد ڏني آهي. 1969 ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽيسٽ ڪيپ حاصل ڪندڙ ظهير عباس تمام بهترين بيٽسمين هو جڏهن ڪرڪٽ جي دنيا ۾ فيلڊنگ جا رولز نه هئا ۽ ڪپتان سڀني رانديگرن کي بائونڊري تي به مقرر ڪري سگهندو هو ان زماني ۾ کيس رنز جي مشين سڏيو ويندو هو ۽ هنکي ايشيائي سر بريڊ مين به سڏيندا هئا. هن آزري ٽيسٽ ميچ 1985 ۾ سريلنڪا خلاف کيڏي ۽ آخري ون ڊي به هڪ مهيني بعد ساڳئي سال نومبر ۾ سريلنڪا خلاف کيڏي رٽائرمينٽ ورتي. 1974 ۾ ون ڊي انگلينڊ خلاف کيڏي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. هي دنيا جو واحد پليئر آهي جنهن فرسٽ ڪلاس ڪرڪٽ ۾ 4 ڀيرا سينچري ۽ 4 ڀيرا ڊبل سينچري اسڪور ڪئي، 8 ئي اننگز ۾ ناٽ آئوٽ رهيو. هن انڊين ڇوڪري ريتا لٿرا سان 1988 ۾ شادي ڪئي جيڪا هاڻي ٽمينه عباس آهي. هو آءِ سي سي جو صدر به رهيو. ياد رهي ته هال آف فيم ۾ شامل 93 ڪرڪٽرز مان ظهير عباس ڇهون رانديگر آهي. ان کا اڳ حنيف محمد، عمران خان، جاويد ميانداد، وسيم اڪرم ۽ وقار يونس شهرت جي ان هال ۾ شامل آهن. انگلينڊ جا 28، آسٽريليا جا 27، ويست انڊيز جا 18، ڀارت جا 6، ڏکڻ آفريڪا جا 4، نيوزيلينڊ جا 3 ۽ هڪ سريلنڪا جو ڪرڪٽر اهو اعزا رکي ٿو.
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري
جسٽن بيلڊوني تي جنسي هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل
سنڌيار ڪراچي 22 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 22 ڊسمبر 2024ع
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل