عالمي برادري تي دٻاءُ وجهي ته ڪشميرين کي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ٿيڻ اڻٽر آهي.والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌيءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته عالمي برادري تي دٻاءُ وجهي ته ڪشميرين کي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏئي.هن چيو ته مقامي ماڻهن جي حقيقي خواهشن کي دٻائڻ سان پائيدار امن حاصل نٿو ڪري سگهجي، ۽ وچ اوڀر ۾ تازيون ترقيون اهو واضح ڪن ٿيون ته تڪرارن کي ڀڙڪڻ نه ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته حق خود اراديت قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي، ڪشميري عوام 78 سال گذرڻ باوجود پنهنجو حق استعمال نٿو ڪري سگھي. هن وڌيڪ چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو ٿنڀو رهندو، پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاق، سفارتي ۽ سياسي حمايت به جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو