عام ماڻهو لاءِ علاج مهانگو، دوائن جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ

ڪراچي(م ڊ) سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهو لاءِ علاج مهانگو ٿي ويو آهي، مختلف دوائن جي قيمتن ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب وورين ٽيبليٽ جي ڏبي جي قيمت 510 رپيا ٿي وئي آهي، سربيڪس زيڊ 294 رپين مان 400 رپيا، ڪالسن ڊي 180 رپين مان 280 رپيا، سني ڊي انجيڪشن 370 رپين مان 450 رپيا، اوريگا سيرپ 495 رپين مان 973 رپيا، انسڊ ٽيبلٽس 276 رپين کان 325 رپيا ۽ ٽونوفليڪس ٽيبليٽ 411 رپين مان 455 رپيا ٿي ويا آهن، اهڙي طرح ايرينڪ سيرپ 117 رپين مان 153 رپيا، ڪلري سيڊ سيرپ (125 ملي گرام) 281 رپين مان 560 رپيا، گريوينيٽ انجيڪشن 253 رپين مان 625 رپيا، پلمونول سيرپ 149 رپين مان 165 رپيا ٿي وئي آهي، پونسٽان ٽيبليٽ جي قيمت 736 رپين مان وڌي 931 رپيا، بريڪسين ٽيبليٽ جي قيمت 600 رپين مان وڌي 650 رپيا، ٽنورمن ٽيبليٽ جي قيمت 260 رپين مان وڌي 313 رپيا ۽ ايرينڪ ٽيبليٽ جي ڏبي جي قيمت 549 رپين مان وڌي 686 رپيا ٿي وئي آهي، سڀ کان وڌيڪ اضافو ايول انجيڪشن جي قيمت ۾ ڏٺو ويو، جنهن جي قيمت 233 سيڪڙو جي اضافي سان 432 رپين مان وڌائي 1500 رپيا ڪئي وئي، نه رڳو گورين ۽ دوائن، پر نيوٽر اسيوٽيڪل ۽ سرجيڪل سامان جي قيمتن ۾ به ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي، جنهن ڪري عام ماڻهوءَ لاءِ علاج وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي، شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي دوائن جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو