عبدالخالق جو بطور ڊي جي ايف آءِ اي مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ۾ اعليٰ سطحي تبديلين جو سلسلو جاري آهي،وفاقي حڪومت عبدالخالق شيخ جي ڊي جي ايف آءِ اي طور مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي. گهرو وزارت نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو آفيس آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب عبدالخالق شيخ صرف ڊي جي نيشنل پوليس بيورو هوندو،ياد رهي ته عبدالخالق شيخ کي گذريل ڏينهن وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ڊائريڪٽر جنرل جو اضافي چارج ڏنو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو