لاهور(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ خلاف ٻئي ون ڊي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽر عثمان خان ٽيم مان ٻاهر ٿي ويو. ترجمان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم (پي سي بي) موجب، عثمان خان پهرئين ون ڊي ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي هيم اسٽرنگ انجري جو شڪار ٿيو، ايم آر آءِ اسڪين ۾ لو گريڊ ٽيئر جي تصديق ٿي آهي. عثمان خان 2 اپريل تي هملٽن ۾ ٿيندڙ ٻئي ون ڊي ميچ لاءِ دستياب نه هوندو. ٻئي پاسي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نيپئر کان هملٽن پهچي وئي، جتي رانديگر اڄ آرام ڪندا ۽ سڀاڻي کان ٽريننگ شروع ڪندا. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جو ٻيو ون ڊي ميچ اربع تي کيڏيو ويندو.
