عدالتي حڪم نظر انداز، ترڪي ڪالوني ڏوهارين جو ڳڙهه بڻيل

ٺٽو (رپورٽ: جاويد لطيف ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ترڪي ڪالوني مان غير قانوني قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ان تي عمل نه ٿيي سگهيو، ڪالوني منشيات فروشن جو اڏو بڻجي ويو. پوليس لاتعلق بڻيل ۽ غير مقامي انتظاميه  ااکيون بند ڪري ڇڏيون. غلام الله روڊ تي 2010 واري ٻوڏ کانپوءِ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ ان وقت جي ترڪي جي حڪومت پاران ترڪي ڪالوني جي نالي تي  2200 سئو جي لڳ ڀڳ عاليشان ڪوارٽر سنڌ حڪومت کي تحفي طور ٺھرائي ڏنا ويا ھئا

Photo Sindhyar

ھن ڪالوني ۾ مسجدون ، ڪميونٽي سينٽر ـ مارڪيٽن سميت اسپتالون پڻ ڌنيون ويون جيڪي هن وقت بـ ھن ڪالوني ۾  اجڙيل صورتحال ۽ کنڊرن جو ڏيک ڏئي رھيون آھن. ترڪي ڪالوني ۾ جن ٻوڏ متاثر ماڻھن کي گهر الاٽ ٿيا اهي انتھائي غربت واري درجي کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ھئا ڪجهه اهڙا ماڻھو هئا جيڪي هر حال ۾ اباڻي ڪکن کي ڇڏڻ جي لا تيار نه هئا مجبورن اهي ماڻھو 22 لک جي لاڳت سان تيار ٿيل في ڪوارٽر ڀڳڙن جي مٺ تي وڪڻي وڃي پنهنجن اباڻن ماڳن تي زندگي بسر ڪرڻ لڳا ڪشادين گھٽين پڪن روڊن سان ٺاهيل هي ڪالوني ڌارين جي ور چڙھي وئي هن وقت هن ڪالوني جي اندر ٺھيل گهر ماڻھن جي ضرورتن جو مرڪز بڻجيندا پيا وڃن ترڪي ڪالوني ۾ مالڪاڻا حق رکندڙ ماڻھو يا تـ کين مليل ڪوارٽر غير قانوني طور وڪرو ڪري ويا آھن يا تـ وري مسواڙن تي ڏئي پنھنجن گھرن ۾ رھيل آھن.

Photo Sindhyar

  ٺٽو ضعلو هڪ اهڙو ضعلو آھي جتي سياسي هائوسز جون پرچيون هلن ٿيون پرچين جي ور چڙھي ويل ضعلي ٺٽي جي هي ڪالوني برائين جو مرڪز بڻجي وئي آھي ڪجهه وقت پهرين ٺٽي جي قلم ڌڻين ـ قوم پرست ڌرين ـ فڪر سان تعلق رکندڙ ڪجهه اڳواڻن دلچسپي ورتي پر اچانڪ انهن جي قلمن کي به زنگ لڳڻ شروع ٿي ويو، اهي به خاموش ٿي ويهي رهيا هن وقت ڪالوني جي اندر منشيات کان ويندي سماج جون سموريون برايون نظر اچن ٿيون ڪالوني جا رھواسي پيئڻ جي پاڻي ۽ گيس جھڙين بنيادي سھولتن کان محروم آھن  پر مجال آھي ڪو ھن ضلعي جو سياسي ۽ سماجي اڳواڻ  ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي

هن ڪالوني جي اندر لوفرن جو تعداد وڌندو پيو وڃي ڪالوني جي مقرر ٿيل پوليس پوسٽ ناڪام ثابت ٿي چڪي آھي جنھن ۾ ڪو به ڪانسٽيبل نظر نٿو اچي پر پوليس پوسٽ ۾ ماڻھن جا ڦاٽل ڪپڙا ضرور نظر اچن ٿا اسپتال ڏينهن جو هڪ وڳي کان پوء بند رهندي آھي باقي گٽڪو منشيات جي سروس چويهه ڪلاڪ بحال آھي اگر اندازو لڳائجي ته هي ڪالوني ٺھي ئي منشيات خورن چورن ۽ پريمي جوڙن کي پناه ڏيڻ لاءِ آھي يا پوليس جي ٽارچر سيلن لاء ترڪي ڪالوني سماج جي ناڪارا ماڻھن جو پناه گاه بڻجي ويئي آھي ھن ڪالوني ۾ آڱرين تي ڳڻجندڙ ڪالوني ۾  رھندڙ عزتدار ماڻھو پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا۔  

Photo Sindhyar

ٺٽي جا چونڊيل نمائيندا ته نااهل آھن ئي پر ٺٽي ۾ مقرر سمورا آفيسر ٻاهر جا  ھجڻ جي ڪري انهن جي هن ڪالوني  لاء ڪا به دلچسپي ڏسڻ ۾ نٿي اچي پر  ٺٽي ۽ مڪلي جا قلم ڌڻي پنهنجي قلم جي نوڪ کي ڪالوني طرف سڌو ڪن ته ڪافي سارا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو