عدالتي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي ڪالعدم قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي عدالتي رپورٽنگ تي پابندي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد شفيع جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ عدالتي رپورٽنگ تي پابندي خلاف پيمرا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد عدالت پيمرا جي فيصلي خلاف صحافين جي درخواست منظور ڪندي عدالتي رپورٽنگ تي پابندي بابت پيمرا جي هدايتن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت صحافين کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو