عدالتي سڌارن جو آئيني پيڪيج ۽ سلطنت عدليھ جو لھندڙ سج

وسعت الله خان
ھلو ! اشرافيھ کي خاص طور ۽ وطن واسين کي عام طور آءِ ايم ايف جو 24هون 7 ارب ڊالرن جو قرض پيڪيج مبارڪباد ھجي.ھن سڀاڳي گھڙي ۾،وزيراعظم، برادر بزرگ چين، سعودي، عرب امارات ۽ ان سان گڏوگڏ قرض کي ڇڪيندڙ حڪومتي ٽيم ۽ آرمي چيف جي ڀرپور سهڪار ، ڪوششن جو شڪريو ادا ڪرڻ نه وساريو.پاڻ حسب عادت اھو تڪيھ ڪلام بھ ورجايو تھ هي ،آءِ ايم ايف جو آخري پيڪيج آهي. ان کان پوءِ اسان پنهنجي پيرن تي بيھي رھنداسين، انشاءَ الله….ھن جي آواز ۾ ان شخص جو اعتماد نظر اچي ٿو جنھن کي منٿ ميڙ ڪرڻ کان پوءِ ايترو پئسو ملي وڃي اھو اڄوڪي ڏينهن ٽارڻ جي لاءِ ٻھ ٽي دٻيون سگريٽ خريد ڪرڻ وقت ُپريقين انداز ۾ آس پاس وارن کي ٻڌائي تھ ” الله رسول جو قسم اڄ کان پوءِ مان صفا ڇڏي ڏيندس .“
ايندڙ ٽن سالن لاءِ ڪارآمد ُٽڪي لڳڻ بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر پارليامينٽ مان ” عدالتي سڌارن جو آئيني پيڪيج“ منظور ڪرائڻ جي هڪ ٻي ڀرپور ڪوشش ٿيڻي آھي ۽ لڳي ٿو ته هن ڀيري گهربل ووٽ پورا ٿي ويندا.اڄ به آئيني ترميم جي لاءِ گهربل ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ساھمي مولانا فضل االرحمان جي ھٿ ۾ آھي. پر گذريل تڙ تڪڙ واري شرمندگيءَ مان سبق سکندي ھاڻي هڪ پلڙي ۾ آئيني پيڪيج ۽ ٻئي ۾ مولانا صاحب جي مرضي جي ڳالھھ رکي ڪري پارلياماني ساھمي جو توازن برابر ڪيو پيو وڃي. ان جو اشارو جهانديدھ مولانا جي راءِ ۾ لچڪ سان بخوبي ملي رھيو آھي. ( ماڻهن کي ياد نٿو رهي ته مولانا ڪيترو نه ڪمال جو جادوگر آهي. آڪٽوبر 2007ع جي صدارتي چونڊن ۾ پرويز مشرف پاڻ کي ٻيهر چونڊرائڻ بعد ئي هن خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي ھئي. پهرين ُٽٽي وڃي ھا تھ مشرف کي چونڊڻ وارو اليڪٽورل ڪاليج به ُٽٽي وڃي ھا )
موجوده چونڊيل پارليامينٽ ، ھونئن بھ فارم 47 جي بار هيٺ دٻجي وئي آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پارليامينٽ جي احاطي مان جنھن طرح ُپراسرار نقاب پوشن من چاھي انداز ۾ پڪڙ ڌڪڙ جو ھڪ نئون مثال قائم ڪيو ۽ پارليامينٽ پنهنجي خودمختياري تي لڳندڙ راتاھي کي جنھن خوش مزاجيءَ سان سھي وئي آھي، ان کان پوءِ فضا ايتري قدر سازگار آھي جو سپريم ڪورٽ جا اختياراتي پر ڪترڻ جو ان کان بهتر موقعو ملڻ مشڪل آهي.
جهڙيءَ طرح جديد جنگين ۾ مخالف کي بي وس ڪرڻ لاءِ پهريان ڄمي ڪري بمباري ڪئي ويندي آهي، جنهن کان پوءِ پيادل فوج اڳتي وڌي گهربل هدف حاصل ڪري وٺندي آھي، اهڙي طرح گذريل هڪ سال کان سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي عزت لِير لِير ڪري شهرين جي نگاھ ۾ هن آئيني نگھبان کي غير اھم ڪرڻ جو ڪم زور شور سان جاري آهي.
گذريل سال 90 ڏينھن جي آئيني مدي اندر چونڊن ڪرائڻ جي عدالت حڪم کي جتي جي نوڪ تي رکيو ويو،پوءِ اليڪشن ڪميشن آڱوٺو ڏيکارڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي ججن ۽ عدالت جي اڪثريتي فيصلن کي پڻ وزيرن جي ٽيم، سوشل ۽ پروفيشنل ميڊيا ۽ شاھراھن تي اچانڪ ٽنگجي ويندڙ ۽ پوءِ غائب ٿي ويندڙ ُپراسرار ڪردارڪش بينرن جي ذريعي کليل نموني رد ڪرڻ نئون معمول بڻجي ويو آهي.
خود عدالت جي اندر بھ ڏرا نڪتا پيا آهي. برادر ججز برادر ججن جي فيصلن جي صحت تي ھڪ ٻئي جو نالو کڻي ڪري آڱريون کڻي رهيا آهن. ڪيترائي منصف ڊگھي عرصي کان پنھنجي مٿان پوندڙ قانون کان مٿاھين دٻاءُ جي شڪايت جا ڍڳ لڳائي ڇڏيا آهن، پر بزرگ عدالت انهن جي لکت ۾ آيل شڪايتن تي به ڪا ٺوس اڳڀرائي ڏيکارڻ جي موڊ ۾ نه آهي. اهي ڏينهن ويا ھليا، جڏهن وزير اعظم ناپسند فيصلن سامھون بھ سر ُجهڪائي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا ھئا. ڪڏهن ھوندو ھو، فيصلو ڪندڙن جي دلين ۽ دماغ ۾ توهين عدالت جو خوف پڻ. هاڻي تھ اِھو ُ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اسان عدالت جو احترام ڪريون ٿا پر عدالت به پنهنجي حدن ۾ رهي.
تازو ئي، چو طرفان غير عدالتي دٻاءُ جو ُسور نھ سھندي معزز عدالت عظميٰ ”مبارڪ ثاني ،نظر ثاني ڪيس“ جي پنهنجي ئي فيصلي تي جنھن سعادت منداڻي تڪڙ سان نظرثاني ڪري ان کي ”درست“ ڪيو آھي، ان کان پوءِ روايتي عدالتي رٽ ۽ عدالتي دٻدٻي جي باري ۾ وڌيڪ ڪجھه چوڻ انصاف جي سج کي ڏيئو ڏيکارڻ آهي.پر هن سڀ ڪجھھ ۾ نئون ڇا آهي؟ جيڪڏھن نئين آئيني پيڪيج جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ جي برابر هڪ آئيني عدالت ٺاھي بھ وئي ته ڪھڙي قيامت اچي ويندي ؟ چيف جسٽس محمد منير جي چيف ڪورٽ (سپريم ڪورٽ) جي پھاڄ تھ ڪا متوازي عدالت نه هئي ته پوءِ ان وقت جي سگھارين طاقتن کي ”ضرورت نظريي“ جي تلوار ڇو هٿ ۾ ڏئي ڇڏي، جيڪا اڄ تائين آئين ۽ عدالت جي ڳچيءَ تي وھائي پئي وڃي.
جسٽس انوار الحق، نسيم حسن شاهه، سجاد علي شاهه، سعيد الزمان صديقي، ارشاد حسن خان، افتخار چوڌري، عبدالحميد ڊوگر، جاويد اقبال، ثاقب نثار، آصف سعيد کوسھ، گلزار احمد، عمر عطا بنديال، قاضي فائز عيسيٰ. ڪهڙي ڪھڙي سنگ ميل کي ماپيون ؟رھيو هڪ عام ماڻهو سو ، اھو ۽ ان جي راءِ پڻ ڪڏهن به ڪنھن وڏي گيم ۾ شامل ئي نھ هئي. پر ان اھو مطلب پڻ ناهي ته ان کي هڪ بيڪارعضوو سمجھي مڪمل طور تي آزاد ڇڏي ڏجي. خوف تھ تنھن ھوندي بھ رھندو ئي آھي تھ ڪنھن ڏينهن ماني ۽ انصاف جي ڳولا ڪندڙ ڪروڙين جوتا گسائيندڙ ،خدا نھ ڪري يڪ ساٿ ڦاٽي ئي نھ پون. (تاريخ غلامن جي بغاوتن سان ڀري پئي آهي).تنھن ڪري هن غلام ابنِ غلام کي به روز بروز چيلھه چٻي ڪندڙ معيشيت جي پنجوڙ ۾ُ بري طرح جڪڙيو ويو آهي، پر پوءِ به هو دانهون تھ ڪري سگهي ٿو.
ڪا نھ ڪا عدالت ڪڏهن ڪڏهن ان جي چيخ ٻڌي بھ وٺندي آھي، پر هاڻي ان چيخ کي دٻائڻ لاءِ سائبر قانونن، فائر وال ۽ ڊجيٽل دهشتگرديءَ کي روڪڻ جي نالي تي عام شهريءَ جي اک، وات ۽ ڪنن تي رنگ برنگي ٽيپون لڳائي پارسل جھڙو ٺاھيو ويو آھي. مذھب جي توھين جي بوءِ سنگهندڙ گروھ ۽ ڊيجيٽل ٽرولي ھر پاڙي ۾ ڇڏيا ويا آھن.جن سخت جانن، کي اھڙي طرح جي ڪٽڪن کان نٿو ڪنبائي سگھجي ،انھن جي لاءِ قومي، سلامتي،غداري ۽ فساد في الارض جي ڪوڙن (ڦٽڪن) جي شون شان، جو تسلي بخش انتظام آھي. ڏسون ٿا ائين ڪيستائين ھلي ٿو.
لگانا پڑتی ہے ڈبکی اُبھرنے سے پہلے
غروب ہونے کا مطلب زوال تھوڑی ہے
( پروین شاکر)
ايندڙ ٽن سالن لاءِ ڪارآمد ُٽڪي لڳڻ بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر پارليامينٽ مان ” عدالتي سڌارن جو آئيني پيڪيج“ منظور ڪرائڻ جي هڪ ٻي ڀرپور ڪوشش ٿيڻي آھي ۽ لڳي ٿو ته هن ڀيري گهربل ووٽ پورا ٿي ويندا.اڄ به آئيني ترميم جي لاءِ گهربل ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ساھمي مولانا فضل االرحمان جي ھٿ ۾ آھي. پر گذريل تڙ تڪڙ واري شرمندگيءَ مان سبق سکندي ھاڻي هڪ پلڙي ۾ آئيني پيڪيج ۽ ٻئي ۾ مولانا صاحب جي مرضي جي ڳالھھ رکي ڪري پارلياماني ساھمي جو توازن برابر ڪيو پيو وڃي. ان جو اشارو جهانديدھ مولانا جي راءِ ۾ لچڪ سان بخوبي ملي رھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو