اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ جدت آڻڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ نيشنل جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ جسٽس محمد علي مظهر کانسواءِ هاءِ ڪورٽ ۽ وفاقي شرعي عدالتن جا جج به شامل آهن.سپريم ڪورٽ جي اعلان موجب نيشنل جڊيشل آٽوميشن ڪميٽي مصنوعي ذهانت سميت عدالتي نظام ۾ جدت بابت قومي پلان جوڙيندي. آٽوميشن ڪميٽي عدالتي نظام ۾ ڊجيٽل جدت آڻيندي ۽ انصاف جي بهتري سان ڪيسن جي طريقيڪار لاءِ موبائل ايپ ٺاهيندي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي عدالتي نظام ۽ تحقيق ۾ مصنوعي ذهانت متعارف ڪرائيندي. جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ آهي ته عدليه کي ٽيڪنالاجي ۾ جدت اختيار ڪرڻ گهرجي.جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ آهي ته دنيا صنعتي انقلاب مان ٽيڪنالاجي طرف وڌي وئي آهي. پاڪستان جي عدالتي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ تربيتي پروگرامن سان روشناس ڪرائڻ جو هي وقت آهي ، ان حوالي سان جسٽس محمد علي مظهر جو چوڻ آهي ته انصاف کاتي جي ڊجيٽلائيزيشن ان تبديلي جي شروعات آهي، وقت سان گڏ ڊجيٽل صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ انصاف تائين پهچ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي يقين رکان ٿو،ملڪ لاءِ شفاف ۽ موثر قانوني عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون سپريم ڪورٽ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس منصور لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي دور ۾ ريسورس سينٽر ۽ مخصوص آٽوميشن پروجيڪٽ شروع ڪيا.جسٽس منصور علي شاهه پاران شروع ڪيل سسٽم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس فلو مئنيجمينٽ سسٽم ٺاهيو، جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آءِ ٽي ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ لاءِ قدم کنيا.پڌرائي موجب نيشنل جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽي قومي جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي آهي. نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جو چيئرمين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آهي، جنهن جو سيڪريٽريٽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن ۾ آهي.
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار