عدالت نيب کي خورشيد شاهه کان پڇاڻي جي اجازت ڏئي ڇڏي

سکر (جيرام داس ) احتساب عدالت نيب پاران جوڙيل “جي آءِ ٽي” کي خورشيد شاهه کان جاچ جي اجازت ڏيندي کيس 17ٻن هفتن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. جڏهن ته نيب طرفان سمورن جوابدارن کي ريفرنسز جون ڪاپيون مهيا ڪيون ويون آهن. سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس جي ٻڌڻيءَ دوران پ پ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه پيش ٿيو، جڏهن ته نيب راولپنڊي طرفان سندس خلاف جاچ شروع ڪرڻ جي حوالي سان اجازت لاءِ درخواست ڪئي وئي. عدالت نيب پنڊي کي جاچ جي اجازت ڏيندي چيو  ته ٽيم خورشيد شاهه کي موڪليل 10 سوالن جا جواب وٺي سگهي ٿي، پر سوالن جا جواب جيل اندر ئي ورتا وڃن. واضح رهي ته نيب راولپنڊي طرفان خورشيد شاهه کان سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت جي حوالي سان مختلف سوالن جا جواب طلب ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پي او ايف هائوسنگ اسڪيم، ايف ڊبليو او کي ٺيڪو ڏيڻ ۽ اُنهن جي اختيارن جي حوالي سان سوال پُڇيا ويا آهن. خورشيد شاهه کان پُڇيو ويو آهي ته ڇا کيس هائوسنگ اسڪيم جو ٺيڪو ڏيڻ جو اختيار هو، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن قاعدن ۽ ضابطن تحت کيس اختيار مليل هو. عدالت پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي عدالتي رماند تي جيل موڪليندي کيس ٻيهر 3 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو