عزيز الله ٻوهيو، سچو، سادو ۽ وطن دوست قومي اڳواڻ هو، مقرر

ڪنڊيارو (ن س) سنڌ ساگر پارٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنڊيارو پاران سنڌ جي وطن دوست عالم، کاهوڙي قومي اڳواڻ ۽ سنڌ ساگر پارٽيءَ جي باني چيئرمين سائين عزيزﷲ ٻوهيو جي ٽئين ورسيءَ جي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان سندس پراڻن سياسي ساٿين شرڪت ڪئي ۽ کيس برپور خراج پيش ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي، سنڌ ساگر پارٽيءَ جي چيئرمين حافظ سڪندر تنيو، جاکوڙي قومي اديب تاج جويو، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ هاشم کوسو، سنڌ ساگر پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وزير احمد اڄڻ، منصور جکڙ، حسين سارنگ مهر، عبدالجبار مڱريو، ساگر يوسف منگي، محمد فيصل ٻوھيو، نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ اشفاق تڳر، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ ظفر تڳر، غفار عباسي، سرمد سيد نامياري صحافي محمد يونس راڄپر ۽ ٻين مقررن چيو ته سائين عزيزﷲ ٻوهيو سنڌ جو ساکائتو قومي اڳواڻ، روشن خيال ديني عالم ۽ کاهوڙي ڪردار هو، جيڪو اڌ صديءَ جي سياسي سفر ۾ ڪڏهن به ورچي نه ويٺو، اڻٿڪ جدوجهد، سادگي ۽ سچائي ٻوهيو صاحب جي سڃاڻپ بڻيل رهي، سنڌ جي سياسي ۽ علمي حلقن ۾ کيس هڪ مثالي وطن دوست ڪردار ۽ ديني محاذ جي سپھ سالار واري حيثيت حاصل هئي، ٻوهيو صاحب امام انقلاب عبيدﷲ سنڌيءَ جي، ”سنڌ هڪ مستقل ملڪ آهي، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ ان ڳالھ تي ڪو به مذهبي سوال قبول نه آهي!“ واري انقلابي فڪر ۽ وطن دوست جدوجهد جو تسلسل هو، جنهن جنرل يحييٰ جي آمريتي دور ۾، هڪ مذهبي جماعت جو حصو هجڻ باوجود، سنڌ جي زمينن تي ڌارين جي والار خلاف تقرير ڪرڻ جي ڏوھ ۾ 9 مهينا سخت پورهئي سان قيد به ڪاٽيو، ته اڳتي هلي ملڪ جي مضبوط مرڪز واري نام نهاد وفاقي سياست مان نااميد ٿي، 1974ع ۾ عبيدﷲ سنڌيءَ جي نقش قدم تي هلندي، سنڌ ساگر پارٽيءَ جو بنياد وجهي، سنڌ دوست سياست ۾ پير پاتو ۽ لڳاتار چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين عوامي سوارين تي سفر ڪري، سنڌ جي وستي واهڻ ۾ آزاديءَ جو قومي فڪر پهچايو، جنهن دوران هن نه صرف شهر جي سياسي جلسن ۽ ليڪچر پروگرامن ۾ پهچي قومي شعور جي ڦھلاءَ ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪيو، پر ڳوٺن ۾ کٽ ڪچهرين ذريعي عام ماڻهن تائين سنڌ جي قومي ڪيس پهچايو، قومي تحريڪ اندر عوامي سياست جا نوان لاڙا پڻ متعارف ڪرايا، مقررن وڌيڪ چيو ته سائين عزيزﷲ ٻوهيو قرآني تعليمات جو وڏو عالم ۽ کرو ديني مفڪر هو، جنهن قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ قومن جي غلامي، معاشي اڻبرابري، عورتن مٿان جبر، مذهبي انتهاپسندي، ڊيم سازي توڻي بلاسفيمي جهڙن قانونن کي غير اسلامي عمل قرار ڏنو. هن قومن جي آزادي، معاشي برابري، مذهبي رواداري ۽ انساني اتحاد جهڙن انسان دوست عالمي اصول جي پرچار جي لاءِ 50 جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيا، جيڪي سنڌ جي نئين نسل جي لاءِ سجاڳيءَ جو نياپو ۽ املھه علمي سرمايو آهن، محڪوميءَ جي اهڙي ماحول ۾، جو هڪ طرف گرين پاڪستان جهڙي سنڌ دشمن اسڪيم تحت سنڌ جي زمين ۽ درياھ تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، ته ٻئي طرف سنڌ جي سياسي مزاحمت کي روڪڻ لاءِ، هٿ وٺي مذهبي انتهاپسنديءَ کي هوا ڏني پئي وڃي؛ سنڌ کي سائين عزيزﷲ ٻوهيو جي وطن دوست فڪر ۽ روادار تعليمات جي ضرورت آهي، جن جي روشنيءَ ۾ اسان آزاد، روادار ۽ خوشحال سنڌ جي قيام جي لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.

A simple gathering was held in Islamabad to pay tribute to Azizullah Bohio, on the eve of 3rd death anniversy.

ان موقعي تي ميڙاڪي ۾ گڏيل مطالبو ڪندي، سياسي اڳواڻن ۽ ساڃاھ وندن چيو ته: ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي بيرحماڻي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن کي فعال بڻائي، واقعي ۾ ملوث پوليس عملدارن ۽ پير عمر سرهنديءَ سوڌو سمورن جنونين کي ترت گرفتار ڪري، سخت سزا ڏني وڃي، 1945ع جي سنڌ، پنجاب پاڻي معاهدي مطابق، سنڌو درياھ کي سنڌي قوم جي ملڪيت مڃي، سنڌو نديءَ مٿان اڏيل پراڻا ڊيم ۽ ڪئنال توڻي گرين پاڪستان جي نالي تي ٺهندڙ ڪئنالن جا نوان منصوبا ختم ڪيا وڃن، سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل سمورن سياسي ڪارڪنن کي ترت آزاد ڪري، سياسي ڪارڪنن جي قتل عام جو سلسلو بند ڪيو وڃي ، سنڌ جي شهرن ۽ وسيلن تي قابض سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏئي، سنڌ جي قومي سرحدن کي تسليم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جا باضمير ماڻهو پنهنجي تاريخي وطن ۽ جياپي جي وسيلن جي تحفظ لاءِ سگهاري عوامي جدوجهد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن، ورسي تقريب دوران قومي ڪلاڪار فقير دين محمد گھانگھرو وايون ۽ گيت ڳائي، ويٺلن جي جذبن کي گرماڻي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو