طفيل مگسي
جيڪي ماڻھو پاڪستان جي سياسي تاريخ تي ٿورڙي به نظر رکن ٿا.اهي ماڻھو بيشڪ هن حقيقت کان به ڪڏھن انڪاري نٿا ٿي سگهن ته پاڪستاني سياست ۾ مشڪل ترين ڳاله اها هوندي يا آھي ته هتي نظرين جي سياست ڪئي وڃي.ڇاڪاڻ ته پاڪستاني سياستدانن جي اڪثريت سدائين عوام جي مئسلن کان ڪن لاٽار ڪندي صرف پنهنجن ذاتي مفادن تي سياست ڪئي آھي ۽ انهن سياستدانن سدائين پنهنجن ئي مفادن کي نظر جي سامهون رکندي عوام دشمن آمريت پنسدن جرنيلن جو پڻ سرعام ملڪمل ساٿ ڏنو آھي.حالانڪ اها حقيقي روز روشن جيان چٽي آھي ته انهن آمريت پسند فوجين جڏھن به هن وطن عزيز ۾ آمريت قائم ڪئي آھي ته انهن فقط سامراجي ايجنڊا تي ئي ڪم ڪيو آھي.چاهي ايون خان هجي يا يحيحي خان هجي.ضيا الحق هجي يا پرويز مشرف .ليڪن انهن سمورين حالتن جي باوجود ڪي سرفروش اهڙا به رهندا آيا آھن يا آھن.جن سمورن ظلمن وستمن ۽ جبر وڏاڍ جي باوجود سياست ۾ نظريي کي نگاه جي سامهون رکيو آھي.جن منجهان هڪ عظيم انقلابي اڳواڻ شھيد حسن ناصر پڻ آھي.
حسن ناصر 1928ع ۾ حيدرآباد دکن جي هڪ تعليم يافته ۽ روشن خيال گهر ۾ جنم پرتو.حسن ناصر جيڪو نواب محسن الملڪ جو پڙپوٽو هو.حسن ناصر جي بابا جو نانء علمبردار حسين هو.جڏھن ته امڙ جو نانء زهره خاتون هو.حسن ناصر جنهن حيدرآباد دکن گرامر اسڪول ۾ سينئير ڪيمبرج جو امتحان پاس ڪيو ۽ علي ڳڙھ ڪاليج کان ايف.اي جو امتحان پاس ڪيائين.ايف.اي ڪرڻ کانپوء حسن ناصر واپس حيدرآباد موٽي آيو ۽ نظام ڪاليج حيدرآباد دکن ۾ داخلا ورتائين.جتي حسن ناصر حيدرآباد اسٽوڊنٽس يونين جو سرگرم ڪارڪن بڻجي ويو.جڏھن مارچ.1946ع ۾َهو هتي آزاديء جي لاء ھلائڻ واري تحريڪ ۾ به پيش پيش ھو.1946ع ۾ ئي جهموريت.سوشلزم.آزادي ۽ هارين جي زمين جي لاء ھلائڻ واري تلنگانه هاري تحريڪ سڄي هندستان ۾ انقلابي شدت سان اڀري ۽ اهو سال سموري هندستان جي لاء آزادي واري جدوجهد جو نهايت ئي ڏکيو دور هو .جڏھن 31جولائي 1947ع ۾ اتي حسن ناصر برصغير جي خودمختاري ۽ آزادي جو مطالبو ڪرڻ وارن 25هزار شاگردن جي هڪ عظيم الشان مظاهري جي قيادت ڪئي.جيڪڏھن انهن سمورين حالتن و واقعن جو مشاهدو ڪيو وڃي ته اهو مظاهرو پنهنجي مثال پاڻ ھو.1948ع ۾ حسن ناصر هندستان کان راهي ٿي ڪراچي اچي ويو.
ڪراچي جيتوڻيڪ حسن ناصر جي منزل نه هئي.ڇاڪاڻ ته حسن ناصر کي تعليم جي حاصلات جي لاء لنڊن وڃڻو هو.ليڪن ڪراچي ۾ رهائش جي دوران حسن ناصر کي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ترقي پسند تحريڪ سان انس پيدا ٿيو ۡ۽ ان ريت حسن ناصر ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس ۾ اچڻ وڃڻ لڳو ۽ پارٽي جي سرگرم ڪارڪنن سان ملڻ لڳو ۽ بعد ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏيائين.ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سجاد ظھير ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي مشوري سان لنڊن وڃڻ جو پروگرام ڇڏي ڏنائين ۽ پارٽين جي ڪمن ڪارين ۾ سرگرم ٿي ويو.1948ع جي پڇاڙي ۽ 1949ع جي شروعات ۾ ڪراچي ايئرپورٽ ٽرسٽ ٽراملي جي مزدورن جي ڪامياب هڙتال جي سلسلي ۾ ڪراچي جا سمورا خاص اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا ته پارٽي جي تنظيم و قيادت نوجوان حسن ناصر سنڀالي ورتي ۽ روپوشي اختيار ڪندي تنظيمي سرگرميون جاري رکيون.بعد ۾ حسن ناصر سنڌ صوبائي ڪميٽي جو سيڪريٽري ۽ پارٽي جي سينٽرل سيڪريٽريٽ جو ميمبر بڻجي ويو.1951ع ۾ ان وقت جي حڪومت امريڪي سامراج جي شاباسي جي خاطر ڪميونسٽن جي گرفتارين جي لاء سخت حڪم جاري ڪيا.حسن ناصر سان گڏ سڄي ملڪ ۾ سوين ڪارڪن کي گرفتار ڪري بدنام.زماني شاهي قلعي لاهور ۾ مسلسل قيد ڪيو ويو.جتي انهن هڪ سال تائين ڏاڍ و جبر کي برداشت ڪيو.ليڪن پنهنجي ترقي پسند ارادن تي اڏول رهيا.
1952ع ۾ شاهي قلعي لاهور کان آزادي ملي ته ٻيهر پارٽي سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويو.ليڪن 1954ع ۾ ڪيمونسٽ پارٽي کي قانون جي خلاف قرار ڏنو ويو.يعني ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي مڙھي وئي ۽ سجاد ظھير کي ملڪ بدر ڪيو ويو.حسن ناصر کي هڪ ڀيرو وري گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪراچي جيل ۾ سرڪاري مهمان بڻايو ويو.1955ع ۾ قيد جي دوران ئي ڪمشنر ڪراچي حسن ناصر جي لاء هڪ سال جي لاء ملڪ بدري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.ان ريت حسن ناصر هندستان وڃڻ تي مجبور ٿيو.مگر وڃڻ وقت حسن ناصر پنهنجو پاڪستاني شھريت جو سرٽيفڪيٽ ان مقصد کان ڇڏي ويو.ملڪ بدري جي خاتمي کانپوء پاڪستان واپس موٽي اچي.هندستان ۾ ھڪ سال جي جلاوطني کانپوء حسن ناصر واپس پاڪستان اچي ويو ۽ انڊرگرائونڊ ڪميونسٽ پارٽي جي سرگرمين ۾ لڳي ويو.
1957ع ۾ پارٽي جي مشوري سان حسن ناصر کي پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي جو آفيس سيڪريٽري بڻايو ويو.ليڪن 1958ع ۾ جڏھن ايوب مارشل لا لاڳو ٿي ته حسن ناصر کي هڪ ڀيرو وري روپوشي اختيار ڪرڻي پئي.ليڪن ڳجهيون ايجنسيون مسلسل حسن ناصر جو پيڇو ڪنديون رهيون ۽ نيٺ 6 آگسٽ1960ع ۾ ڪراچي کان حسن ناصر کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ھڪ ڀيرو وري لاهور جي شاهي قلعي ۾ بند ڪيو ويو.لاهور جي شاهي قلعي ۾ جيڪو انسانيت دشمن وفتاء حسن ناصر سان ڪيو ويو ان جي تصور کان ئي انسانن جون دليون ڌڙڪڻ بند ٿي وڃن ٿيون.بيشڪ 3مهينا ۽ 7 ڏينهن ان تشدد کي برداشت ڪرڻ ڪنهن بزدل جو ڪم نه هو بلڪ هڪ بهادر انقلابي سپاهي جو ڪم هو.ليڪن پوء به حسن ناصر جي پهاڙ جهڙي حوصلي اهو سبب ڪجه لبيڪ چوندي برداشت ڪيو.
13نومبر 1960ع ۾ همت و بهادري جو روشن سج حسن ناصر مري ويوص.ليڪن ڇا حسن ناصر مري ويو ؟اهو تصور ڪرڻ به غلط ٿيندو.ڇاڪاڻ ته حسن ناصر شھيد ٿيو هو ۽ شھيد ڪڏھن مرندا ئي ناهن.
شھيد جيتوڻيڪ دنيا وارن جي نظرن کان پري هوندو آھي.ليڪن ماڻھن جي دل و دماغ ۾ سدائين جي لاء گهر ڪري وٺندو آھي.اهو حسن ناصر جنهن کي اڄ کان 64سال اڳ سامراجي قوتن جي پٺوئن موت جي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو ۽ حسن ناصر جهڙي عظيم شخصيت ۽ ھستي جي موت کي خودڪشي قرار ڏنو هو.حالانڪ 6فوٽ2انچ قد رکڻ وارو شخص 6فوٽبلند ڇت واري ڪوٺڙي ۾ لڙڪي ڪري ڪيئن خودڪشي ڪري سگهي ٿو.ان کي ڪو بيوقوف انسان به سچ نه سمجهي سگهندو.ليڪن ايوبي اولادن اهو ڊرامو ڪيو هو ته حسن ناصر ان ڪوٺڙي ۾َجنهن ۾َھو قيد هو ان جي ڇت کان لڙڪي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي آھي.حسن ناصر جيڪو وقتي ڀاڙيتو ته نه پر سچي انقلابي جي ذھن و دل ۾ زنده آھي.جيڪي سندس ڪاز سان مسلسل سلهاڙيل آھن.باقي انهن تي هو هر وقت ڦٽڪار ڪندو رهي ٿو.جيڪي وقت جي وهڪري ۾ وهي ڪري سندس ڪاز کان بلڪل الڳ ٿي ويا.نذير عباسي.حسن ناصر يا سندس ڪاز جا جيڪي به ساٿي شھيد ٿيا.اهي تيستائين پنهنجي شھيد ٿي ويل ساٿين ڪاز سان سلهاڙيل رهندا ايندا.جيستائين پاڪستان جي بنا فرق.مذھب و عقيدي جي حق تسليم ڪيا وڃن.مزدور ۽ ھارين کي سندن جو مڪمل معاوضو نٿو ملي.حسن ناصر انهن سڀني جي دلين ۾ جيئن جو تيئن زنده آھي ۽ ان وقت تائين زنده رهندو.جيستائين حسن ناصر جي انسان دوست انقلابي سوچ زنده آھي.ڇاڪان ته حسن ناصر جي سوچ رکڻ وارا ڪڏھن ٿڪبائي ناهن.ڪڏھن رڪبا ئي ناهن ۽ ڪڏھن ڪنهن جي اڳيان جهڪندا ئي ناهن.
اڄ 13نومبر 2024ع تي حسن ناصر جي 64 ورسي تي اسان کيس کي دل جي گهرائين سان خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا
عمران خان 24 نومبر تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو
ويلڪم ٽو وائيٽ هائوس، ڊونلڊ ٽرمپ جي جو بائيڊن سان ملاقات
مني بجيٽ نه ايندي، ٽيڪس حدف 12 هزار 970 ارب برقرار رهندو
سنڌ حڪومت پاران “ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي” منظور
اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن معطل
مطالبن جي منظوري تائين اسلام آباد مان واپس نه وينداسين
مراد شاهه سان قيصر شيخ جي ملاقات، سامونڊي مسئلن تي ڳالهيون
ارسا ايڪٽ رد،سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو قبول ناهي
آءِ ايم ايف اختياريون بسپ جي ڪارڪردگي مان مطمئن
ٻوڏ سبب 60 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو،واعدن تي عمل ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم
پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ غير اخلاقي ويب سائيٽن تائين رسائي جو انڪشاف
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 85 پئسا ٿي ويو
شاهه ڪوٽ ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا
گمبٽ ڀرسان نوجوان سولر لائٽ جي پول تان ڪـِري فوت ٿي ويو
سجاول جوڻيجو ۾ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گهر واري ۽ نوجوان قتل
سوڀوديرو ويجهو نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنب ۾ ڪارروائي سوپاريون وڪرو ڪندڙ جوابدار گرفتار
اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي واري فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، ماءُ پٽ قتل، 2 ڄڻا زخمي
پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان