علاج نه ٿيڻ سبب ٻارڙي جي وفات، عدالت پاران رپورٽ طلب

ڳڙھي ياسين(شفيق مهر )مقامي اسپتال ۾ تازي ڄاول ٻار جو علاج نه ٿيڻ سبب وفات جو وارين خبرن جو سول جج نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کي جاچ ڪري بيان رڪارڊ ڪري ٽن ڏينھن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. 2 ڏينھن اڳ بورچي علي نواز سٻايو جو تازو ڄاول ٻار رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ايم ايس ڊاڪٽر ظھير عباسي پاران علاج نه ڪرڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو هو، ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واريون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد سول جج ڳڙھي ياسين مشتاق احمد جوکيو ازخود نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين کي ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بابت مڪمل جاچ ڪري فوتي ٻارڙي جي والد علي نواز سٻايو ۽ ايم ايس ڊاڪٽر ظھير عباسي جا بيان رڪارڊ ڪري ٽن ڏينھن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي جنھن بعد ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين گلزار علي ٻرڙو فوتي ٻارڙي جي پيءُ ۽ ايم ايس ڳڙھي ياسين کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيا جنھن بعد علي نواز سٻايو ٿاڻي تي پھچي پنھنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو ان موقعي تي ھن صحافين  سان ڳالھائيندي چيو ته آءُ سول جج  جو شڪرگذار آھيان جنھن پاڻ مرادو نوٽيس ورتو آھي ۽ آءُ سندس کان اميد ٿو رکان ته مونکي انصاف ڏياريو ويندو ۽ جلاد ايم ايس مٿان منھنجي معصوم ٻارڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو ان موقعي تي ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين گلزار علي ٻرڙو ٻڌايو ته بيان رڪارڊ ڪري عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندس ۽ جيڪو عدالت حڪم ڏنو ان مطابق ڪاروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو