پشاور: (ويب ڊيسڪ) سني اتحاد ڪائونسل جو اعلي امين گنڊاپور خيبرپختونخواهه جو 22هون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس بابر سليم سواتي جي صدارت هيٺ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اجلاس اڄ صبح 10 وڳي شروع ٿيڻو هو.اجلاس شروع ٿيڻ کان پوءِ وڏي وزير جي چونڊ جو عمل شروع ٿيو، ميمبرن ڳجهي راءِ شماري ذريعي ووٽ ڪاسٽ ڪيو. علي امين گنڊاپور 90 ووٽ کڻي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ مسلم ليگ(ن) جي عبادالله 16 ووٽ حاصل ڪيا.وڏو وزير چونڊجڻ کان پوءِ اسيمبلي ايوان ۾ ميمبرن طرفان نعريبازي ڪئي وئي. ميمبرن علي امين گنڊاپور کي وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي. وڏو وزير چونڊجڻ کان پوءِ علي امين گنڊاپور ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته مان رب پاڪ جو شڪر گذار آهيان، دعا آهي ته الله تعاليٰ منهنجي مدد فرمائي، مان پي ٽي آءِ باني جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي وڏي وزير جي اميدوار طور نامزد ڪيو، انشاءَالله عوام جي اميدن تي پورو لهندس.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پارٽي ۽ اڳواڻن سان ظلم ٿيو. پي ٽي آءِ باني کي پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ تي جيل ۾ وڌو ويو. عمران خان پاڪستان، عوام ۽ ڪشمير جي ڳالهه ڪئي پر اسان انتقامي ڪارروائي نٿا چاهيون. اسان نٿا چاهيون ٿا ته اڄ جيڪو اسان سان ٿيو آهي سڀاڻي اهو ڪنهن ٻئي سان ٿئي. اسان جي ڪارڪنن سان ظلم ٿيو آهي. اسان سان جيڪو ظلم ٿيو ان جو ازالو ڪيو وڃي. نئين چونڊيل وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي سڄي دنيا ڏٺو ته چونڊون شفاف نه ٿيون.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم