لاهور(ويب ديسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي آچر تي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ 7 ميمبرن تي ٻڌل سليڪشن ڪميٽي جو اعلان ڪيو آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نقوي چيو ته سليڪشن ڪميٽي کي ٻيهر منظم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي 7 ميمبرن تي مشتمل هوندي. هن چيو ته ڪميٽي جو هاڻي چيئرمين نه هوندو ۽ سمورن 7 ميمبرن کي برابر جا اختيار هوندا. ”اهي اڪثريت جي بنياد تي فيصلا ڪندا ته جيئن اسان بهتر نتيجي ڏانهن وڃي سگهون “. پريس ڪانفرنس ۾ نقوي سان گڏ وهاب رياض، محمد يوسف، اسد شفيق ۽ عبدالرزاق به شامل هئا، جن کي پي سي بي سربراهه چيو ته اهي سڀئي نئين ڪميٽي جو حصو آهن. نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ به سليڪشن ڪميٽي جا ميمبر هوندا ۽ ان سان گڏ ”ڊيٽا پرسن“ به هوندو. هن چيو ته ٽيم جي چونڊ ۾ چيئرمين جي راءِ شامل نه هوندي، اسين مئنيجمينٽ آهيون ۽ هي پروفيشنل ڪرڪيٽر آهن، هاڻي ايئن نه ٿيندو ته فون آئي آهي فلاڻي رانديگر کي کيڏايو. اميد ته سٺو نتيجو ملندو.هن چيو ته چئن پنجن ڏينهن ۾ ڪوچز جي حوالي سان به سٺي خبر ملندي، هن وقت ڪجهه نٿو ٻڌائڻ چاهيان، اڳ ۾ هڪ ڪوچ جو نالو ميڊيا ۾ آيو ته هو ڀڄي ويو. هڪ سوال تي هن چيو ته عماد وسيم واپس اچي پيو اسانجي ٽيم بهترين هوندي. هن بڌايو ته حارث رئوف جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ بحال ڪريون پيا. هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ وڌيڪ ٽيمون شامل ڪنداسين. ياد رهي ته محمد عامر به رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي. نيوزيلينڊ جي ٽيم 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز کيڏڻ پاڪستان اچي پئي ۽ 18 اپريل کان لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ميچز کيڏيون وينديون. پهرين جون کان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آمريڪا ۾ ٿي رهيو آهي. آمريڪا ۽ ڪئناڊا جون ٽيمون پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ کيڏنديون.
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري