عمران جي درخواست منظور، وڊيو لنڪ پيشي وارو نوٽيفڪيشن رد

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي دهشتگردي جي انت واري عدالت (اي ٽي سي) ۾ پيش ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.جسٽس طارق سليم شيخ جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ اي ٽي سي ۾ عمران خان جي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ بابت درخواست تي تفصيلي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو.عدالت گهرو وزارت جي وڊيو لنڪ تي جسماني رمانڊ تي اي ٽي سي آڏو پيش ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن غير قانوني قرار ڏيندي چيو ته قانون موجب معاملو ڪابينا آڏو پيش ٿيڻ گهرجي ها، دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. انفرادي طور تي نه ٿو ڪري سگهجي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته پنجاب جي گهرو وزارت ڪابينا جي منظوري کانسواءِ وڊيو لنڪ تي پيش ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اينٽي ٽيررازم ايڪٽ تحت ڏوهه انتهائي خطرناڪ آهن، پر آئين جوابدارن جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو.وڊيو لنڪ تي جوابدار کي جسماني رمانڊ تي پيش ڪرڻ سان بنيادي حق متاثر ٿي سگهن ٿا.لاهور هاءِ ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اي ٽي اي ايڪٽ ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون ويون آهن پر جسماني رمانڊ جي سيڪشن 21 اي ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي. ٽرائل دوران جوابدار کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو پر وڊيو لنڪ ذريعي جوابدار کي جسماني رمانڊ تي پيش نٿو ڪري سگهجي.فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته عدالت پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي وڊيو لنڪ تي پيش ڪرڻ بابت صوبائي گهرو وزارت جي 15 جولاءِ 2024 جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو