جيل ۾ اڪيلو رکيو ويو، سهولتون کسيون ويون، خان جو ڇيف کي خط

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ٻيو خط لکي ڇڏيو.عمران خان طرفان آرمي چيف کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته مان ملڪ ۽ قوم جي بهتري خاطر نيڪ نيتي سان آرمي چيف نالي کليل خط لکيو آهي، مان جن 6 نڪتن جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن تي عوامي راءِ ورتي وڃي ته 90 سيڪڙو حمايت ملندي.خط ۾ عمران خان لکيو آهي ته پري پول ڌانڌلي ۽ چونڊ نتيجا تبديل ڪري حڪومت قائم ڪئي وئي، عدليا تي قبضي لاءِ پارليامينٽ کان 26هين آئيني ترميم ڪرائي وئي، ظلم ۽ جبر خلاف اٿندڙ آواز دٻائڻ لاءِ پيڪا ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو، سياسي عدم استحڪام سبب ملڪي معيشت تباهه آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي، بنيادي انساني حق پامال ڪندي مون تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ جيل انتظاميا ظلم ڪيو، مون کي موت جي چڪي ۾ رکيو ويو آهي، 20 ڏينهن تائين مڪمل لاڪ اپ ۾ رکيو ويو، جتي سج جي روشني ئي نه پهچندي هئي، 5 ڏينهن تائين منهنجي سيل جي بجلي بند رکي وئي ۽ مان مڪمل اونداهي ۾ رهيس.عمران خان خط ۾ دانهيو ته منهنجو ورزش ڪرڻ جو سامان ۽ ٽي وي به ورتي وئي آهي، اخبار به ناهي ڏني ويندي، جڏهن چاهين ٿا ڪتاب روڪي ٿا ڇڏين، پٽن سان گذريل 6 مهينن ۾ رڳو 3 ڀيرا ڳالهرايو ويو، عدالتي حڪمن تي عمل نه پيو ڪرايو وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي واضح حڪمن باوجود منهنجي گهرواري سان ملاقات نه ڪرائي وئي، گهرواري کي به قيد ۾ رکيو ويو آهي.عمران خان چيو آهي ته اسان جي 2 هزار کان وڌيڪ ورڪرن، سپورٽرن ۽ ليڊرز جون ضمانت جون درخواستون عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، پيڪا جهڙي ڪاري قانون ذريعي سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي به پابندي لڳائي وئي آهي، ان سبب پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس به خطري ۾ آهي، عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪري سياسي عدم استحڪام جو بنياد رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو