تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي اخبار ۾ ڇپيل مضمون ۾ عمران خان کي پاڪستان – اسرائيل لاڳاپن لاءِ موزون شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. ٽائمز آف اسرائيل ۾ ڇپيل بلاگ برسلز سان واسطو رکندڙ عالمي لاڳاپن جي عورت محقق عينور بشيروفا لکيو آهي. پنهنجي مضمون ۾ هن چيو ته پاڪستان جو اسرائيل بابت تاريخي موقف ته سڀني کي خبر آهي ته فلسطيني ڪاز جو وڏو حمايتي آهي ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ پاڪستان جي سڃاڻپ سان ويڙهه آهي، پاڪستان ۾ فلسطين سان محبت ڪو سياسي معاملو نه پر پاڪستان جي رڳ ۾ موجود آهي، جنهن جي عڪاسي پاڪستان جي سرڪاري پاليسين مان ظاهر آهي.مضمون ۾ چيو ويو ته عمران خان به فلسطين جي حق ۾ آواز اٿاريو، غزا ۾ اسرائيل ظلمن جي مذمت ۽ اسرائيل سان لاڳاپن جي مخالفت ڪئي پر عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ پرڏيهي لاڳاپن جي حوالي سان منطقي پاليسي اختيار ڪئي ۽ عوامي بيانن ۽ پردي پويان سفارتڪاري وچ ۾ توازن برقرار رکيو، هن نه رڳو روايتي اتحادين سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ملڪي مفاد ۾ مخالفن سان به رابطا ڪيا. مضمون ۾ لکيو ويو ته ان انداز سان خبر پئي ٿي ته عمران خان اسرائيل بابت پاڪستان جي موقف تي نظرثاني لاءِ پنهنجي عوامي بيانن کان وڌيڪ کليل آهي، پي ٽي آءِ باني جي گولڊ سمٿ فيملي سان مٽي مائٽي هڪ حقيقت آهي ۽ گولڊ سمٿ خاندان سان اهو تعلق پي ٽي آءِ باني جو اسرائيل بابت موقف تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. بلاگ ۾ چيو ويو ته زيڪ گولڊ سمٿ جو برطانيا ۾ اسرائيل نواز لابيز سان تعلق آهي، عمران خان اسرائيل بابت پاڪستان جي موقف تي نظرثاني لاءِ وڌيڪ کليل ٿي سگهي ٿو، اهڙا اطلاع سامهون آيا آهن ته عمران خان گولڊ سمٿ فيملي ذريعي اسرائيلي اختيارين کي پيغام موڪيا ۽ پاڪستان اسرائيل وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ تي غور ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ مذهبي موقف کي اعتدال تي آڻڻ لاءِ پنهنجي رضامندي جو اشارو ڏنو. مضمون نگار چيو جيڪڏهن اهي رپورٽس درست آهن ته اهي اسرائيل بابت عمران خان جي نظريي ۾ لچڪ جي عڪاسي ڪن ٿيون، جيڪو پاڪستان جي روايتي موقف کان مختلف هوندو. مضمون ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسرائيل ۽ ان جي اتحادين کي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته عمران خان ٻيهر پاڪستاني سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ آزاد هجي ۽ اعتدال پسندي جو رستو اختيار ڪرڻ جو آواز بڻجي.
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب
قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي
سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون
مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج
ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو
ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم
ڊيوس ڪپ، پهرين مرحلي ۾ پاڪستان کي شڪست
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
جوڙ توڙ ويهڪون ناڪام،آئيني ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي
ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي