عمران خان جو آرمي چيف کي خط، سياست ۾ مداخلت تي نظرثاني ڪريو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي خط لکيو آهي ته فوج ۽ عوام ۾ ويڇا وڌي رهيا آهن جنهن تي فوري نظر ثاني جي ضرورت آهي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جي باني، اڳوڻي وزيراعظم ۽ پارٽي سربراهه جي حيثيت سان، آرمي چيف کي ڇهه نقاطي خط موڪليو آهي. فيصل چوڌري چيو ته خط جو پهريون نقطو جعلي چونڊن ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙن کي کٽڻ جي قابل بڻائڻ سان لاڳاپيل آهي. ٻيو نقطو 26 هين آئيني ترميم، قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي متاثر ٿيڻ تي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي باني القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي جو به حوالو ڏنو آهي. فيصل چوڌري موجب خط ۾ چوٿون نقطو پي ٽي آءِ خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ، ڇاپن ۽ فائرنگ بابت آهي. جڏهن ته پنجون نقطو انٽيليجنس ايجنسين جي ڪم سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي خط ۾ چيو ته فوج هر روز قربانيون ڏئي رهي آهي، پوري قوم کي فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي. فيصل چوڌري موجب، پي ٽي آءِ جي باني خط ۾ چيو ته پيڪا قانون سوشل ميڊيا تي ڪريڪ ڊائون ڪرڻ لاءِ آندو ويو هو.پيڪا قانون کي مجرم قرار ڏنو ويو آهي، تنقيد کي دٻايو ويو آهي، صحافين کي ڌمڪيون ڏيڻ جو سڄو الزام فوج تي لڳي رهيو آهي، ملڪ جي معيشت گوڏن ڀر آهي، حڪومت روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ڪري معيشت کي متاثر ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان خط ۾ اها به درخواست ڪئي ته سيڙپڪاري گهٽ ۾ گهٽ ٿيڻ، انٽرنيٽ بند، عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي ۽ پاليسيون تبديل ڪيون وڃن. ٻئي پاسي گوهر خان به خط جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جلد خط ميڊيا کي به ملي ويندو. آرمي چيف تي زور ڀريو آهي ته عوام ۽ فوج ۾ ويڇا وڌڻ اسٽيبلشمينٽ جي سياست سميت مختلف شعبن ۾ مداخلت آهي ان ڪري اهڙين پاليسين تي فوري نظر ثاني جي ضرورت آهي جيئن فوج ۽ عوام هڪ پيج تي اچي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو