اسان جيڪڏهن وزيراعظم کي سمجهڻ چاهيون ٿا ته پوءِ ان جي پس منظر ۾ وڃڻو پوندو، ان جي ڪاميابين ۽ ناڪامين کي ڏسڻو پوندو. ڪرڪيٽ فٽ بال کان پوءِ مهانگي ترين راند آهي جيڪا نه صرف راند آهي پر 100 بلين ڊالر جي مارڪيٽ به آهي ۽ ان جا اسٽارز ان مارڪيٽ جون فيڪٽريون ۽ ان مارڪيٽ جا برانڊز هوندا آهن. ڪرڪيٽ جي مارڪيٽ وڌ کان وڌ منافعو ڪمائڻ لاءِ هر سال نوان اسٽار پيدا ڪندي آهي ان مان تقريبن اسٽار ڪجهه وقت چمڪڻ کان پوءِ وسامي ويندا آهن ليڪن انهن اسٽارن مان ڪجهه سپراسٽارز بڻجي ويندا آهن. عمران خان سپر اسٽار هيو جيڪو 17 سالن جي عمر ۾ سپراسٽار بڻيو ۽ ڪڏهن به مڙي پوئتي نه ڏٺو، هي 66 سالن جي عمر تائين لائم لائٽ ۾ رهيو جيڪو اعزاز دنيا جي تمام گهٽ رانديگرن کي نصيب ٿيو آهي هي قدرت جي طرفان عمران خان تي وڏو ڪرم هيو ليڪن عمران خان ۾ قدرت جي طرف کان ٻه عادتون پئجي ويون هڪ ته اناپرست ٿي ويو ۽ بجيٽ بنائڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويو. جيڪڏهن مان ۽ توهان ان جڳهه تي هجون ها ۽ جيڪڏهن اسان کي به 20 سالن جي عمر کان پوءِ 46 سالن تائين ڪا به خريداري نه ڪئي هجي ته پوءِ اسان جا چاهيندڙ به اسان کي ڪپڙا، جوتا، گاڏيون، فليٽ، جهاز ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ ڏيندا رهن ها، اسان جو کائڻ به اسپانسر هجي، اسان به جيڪڏهن ڪمنٽريٽري ڪيون ها، اسان به جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪجهه ٽپس ڏيون ها ۽ اهو ملڪ اسان جي سڄي سال جا خرچ برداشت ڪري ها، اسان کي به جيڪڏهن ماڻهو زمين گفٽ ڪري گهر ٺهرائي ڏين ها، اسان سان گڏ ڊنر ڪرڻ لاءِ ماڻهو 10 هزار ڊالر جي ٽڪيٽ خريد ڪن ها، اسان به جيڪڏهن ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪيون ها ۽ ماڻهو اربين رپيا ڏين ها، اسان به جيڪڏهن سياسي جماعت ٺاهيون ها ته اسان کي اربين رپين جو ڊونيشن ملي وڃي ها ۽ ماڻهو اسان جي بيٽ، پيڊ، هيلمٽ ۽ بال لکين رپين ۾ خريد ڪن ها ته اسان جو مزا ج به آسمان تائين پهچي وڃي ها ۽ اسان به يقينن پاڻ کي سپرمين، سپر هيومن ۽ ديوتا سمجهون ها. عمران خان گذريل 46 سالن کان ان عمل کان گذري رهيو آهي ۽ ان جي کيسي ۾ 46 سالن کان ڏوڪڙن وارو ٻٽو ناهي. دنيا جي ڪنهن به ماڻهو اڄ ڏينهن تائين ان کي ڪيش جي صورت ۾ ڪنهن ڪائونٽر تي بل جمع ڪرائيندي ناهي ڏٺو. هي جڏهن هني مون تي به ويو هو ته ماڻهو انهن جا ميزبان هيا ۽ اهي ئي هنن جا بل جمع ڪرائيندا هئا. اهڙي طرح جيڪو شخص 46 سالن کان ڪا شرٽ، ڪو جوتو، کير جو ڪو ڊٻو ۽ نه ئي وري ڪا سبزي خريد ڪئي هجي، جنهن جي بجلي ۽ گئس جا بل ٻيا ماڻهو ڀريندا هجن ۽ ان جي گاڏين ۾ پئٽرول به اجنبي ماڻهو ڀرائيندو هجي ته توهان پاڻ فيصلو ڪيو ته ان شخص کي مهانگائي، بيروزگاري، غربت ۽ عوام کي درپيش ايندڙ مسئلن بابت ڪهڙي خبر هوندي.؟ هو ماڻهن جي مسئلن کي ڪيئن سمجهندو؟ عمران خان غربت ۽ مهانگائي ٻنهي کان مٿي آهي هو انهن ڳالهين کي سمجهي ئي نه ٿو سگهي! ميان نوازشريف ۽ بينظير ڀٽو به ان ساڳي عادتن جو شڪار آهن پر عمران خان ان معاملي ۾ انهن کان اڳڀرو آهي جهڙي طرح حڪومت 9 مهينن اندر ملڪي معيشت جو ڪٻاڙو بڻائي ڇڏيو آهي هي معيشت کي نه سمجهي سگهيا آهن نه ئي وري سمجهندا.
عمران خان جو ٻيو مسئلو انا پرستي آهي، ان جي انا تڪبر غرور تائين پهچي وئي آهي ايتري قدر جو هي صدر ذي جن پنگ، شاهه سلمان ۽ آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽين ليگارڊ سان به اڌ هٿ ملائيندو آهي. توهان سوشل ميڊيا تي شاهه سلمان سان ان جي ملاقات جا فوٽيج به ڏٺا هوندا ته سعودي ترجمان ان جي خيالن جي اظهار جو ترجمو ڪري رهيو هو ۽ هي شاهه سلمان کي الوداعي هٿ ملائڻ بغير ٻئي دروازي کان ٻاهر نڪري هليو ويو. ڪرسٽين ليگارڊ بيجنگ ۾ 26 اپريل تي ان جي سامهون بيٺي هئي ۽ هي همراهه ان کي اڌڙوٽ هٿ ملائي ڪرسي تي ويهي رهيو. عمران خان چيني صدر سان به اڌ هٿ ملايو هو هي مسجد نبوي ۽ ڪعبت الله ۾ به جهڙي طرح سينو تاڻي هلي رهيو هو اهي حرڪتون سپر اسٽار ئي ڪري سگهي ٿو. اهي شيون سوشل ميڊيا تي ته سٺيون ٿيون لڳن ۽ توهان لائيڪس وڌائيندا آهيو پر انهن ملڪن جي سربراهن لاءِ اهي شيون زهر قاتل ثابت ٿينديون آهن، اهڙيون حرڪتون ملڪن جو اميج ۽ تعلقات کي تباهه ڪنديون آهن. مصر جي موجوده صدر جنرل السيسي صدر مورسي جي حڪومت ڪيرائي اقتدار ۾ آيو ۽ آمريڪا عرب اسلامي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو ته ميان نوازشريف سان اچي گڏ ويٺو. ميان صاحب صدر مورسي لاءِ نرم دل رکندو هو پر هو جنرل السيسي کي ڏسڻ بجاءِ ٻئي طرف ڏسندو رهيو جيڪا اها صرف هڪڙي حرڪت مصر ۽ پاڪستان جي تعقات کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي ملڪ هن مهلت تائين هڪ ٻئي جي ويجهو ناهن اچي سگهيا. ملڪن جي تعلقاتن ۾ سربراهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ انهن جي روين جو اهم ڪردار هوندو آهي، سوويت يونين جي صدر خروشيف 1960ع ۾ جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڊائس کي پنهنجو جوتو هنيو هو جنهن تي سڄي دنيا هن مهل تائين روس کي معاف ناهي ڪيو. صدام حسين جي تڪبر ۽ غرور عراق، ڪرنل قذافي جي تڪبر ليبيا ۽ هوگوشاويز جي انا وينزويلا کي تباهه ڪري ڇڏيو اهي ٽئي ملڪ تيل جي حوالي سان دنيا جا امير ترين ملڪ هيا ليڪن ان ملڪن جي پنهنجي حڪمرانن جي تڪبر ۽ غرور اڄ انهن ملڪن کي فقير ۽ قبرستان بڻائي ڇڏيو آهي. تاريخ گواهه آهي ته حڪمرانن جي تڪبر جو نتيجو قومن کي ڀوڳڻو پيو آهي ۽ اسان کي اهڙا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ ذهني طور تيار رهڻو پوندو.
توهان کي ياد هوندو ته عمران خان 18 سيپٽمبر 2018ع ۾ عمري لاءِ سعودي عرب ويو هو جيڪو مديني ۾ پيرين اگهاڙي لٿو هو ۽ پيرين اگهاڙي گهمي ڦري رهيو هو، پر هن 9 مهينن ۾ ان ۾ ڪيتري تبديلي اچي وئي آهي جنهن جو توهان 30 مئي وارو دورو پاڻ ڏسي چڪا آهيو ساڳيو ئي عمران خان مديني ۾ جوتا پائي گهمندو وتي پيو، ڇا انهن 9 مهينن ۾ (نعوذباالله) مدينه منوره بدلجي ويو يا عمران خان تبديل ٿي ويو؟ جيڪڏهن توهان غور ڪيو ته ان سوال ۾ توهان کي ملڪ جو مقدر نظر ايندو ۽ آخري ڳالهه دنيا ۾ هر اهو ڪاروبار، هر اها فيڪٽري بند ٿي ويندي آهي جنهن جا مالڪ ماڻهن کي ٻڌائيندا رهن ٿا ته اسان جي فيڪٽري، اسان جي دڪان مان روزانو چوري ٿيندي آهي يا اس وٽ ادائيگين لاءِ پئسا ناهن ۽ اسان جي حڪومت 9 مهينن کان دنيا کي ٻڌائي رهي آهي ته اسان جو ملڪ ڪرپشن جي ڪري تباهه ٿيو آهي ۽ اسان ڏيوالي پن جو شڪار ٿيڻ وارا آهيون. ماڻهن اهڙن ماڻهن کي ته سائيڪل به اڌار تي ناهن ڏيندا پر اسان پنهنجي پيٽ تان ڪپڙو کڻي ٻين ملڪن کان اربين ڊالر پني رهيا آهيون ۽ اسان سڄي دنيا جي سرمائيڪارن کي دعوت ڏئي رهيا آهيون. توهان پاڻ فيصلو ڪيو ته اسان جي ڳالهين تي ڪير اعبتار ڪندو جهڙي طرح اسان جي حڪومت، اسان جي وزيراعظم جي وڏي ناڪامي اها آهي ته هو سڄي عمر سپر اسٽار رهيو آهي ۽ تاريخ اها ٻڌائي ٿي ته ٻيڙي هجي، ڪمپني هجي يا وري ملڪ سپر اسٽارز ان جي مشڪلاتن ۽ بحرانن ۾ اضافو ته ڪري سگهي ٿو پر هو انهن کي بحرانن مان نه ٿا ڪڍي سگهن. جهڙي طرح عمران خان ملڪ کي اهڙي جڳهه تي وٺي آيو آهي جتان سڄي دنيا اسان کي وحشت ڀريل نگاهن سان ڏسي رهي آهي هي اسان کان خوفزدهه ٿيندا پيا وڃن اسان وٽ صرف هڪ آپشن وڃي بچيو آهي ته عمران خان يا وري ملڪ. (بشڪريه ايڪسپريس —اردو مان سنڌي ۾ ترجمو مشتاق حسين مري)