عمران خان جي آخري سڏ جو انتظار آهي: بئريسٽر سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي آخري سڏ جو انتظار آهي.هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف الله چيو ته پي ٽي آءِ احتجاج جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي.هن چيو ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور پاڻ احتجاج جي تيارين جي نگراني ڪري رهيو آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري حڪومت جي بي حسي ظاهر ڪري ٿي.خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار به چيو آهي ته جعلي حڪومت جيڪي به ڪري ٿي، سندن آخري وقت اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو