عمران خان جي خط جو رسپانس ملي ٿو ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان جي خط جو رسپانس ملي ٿو ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته عمران خان ٻڌايو ته هن آرمي چيف کي خط لکيو آهي، جڏهن ته مان اڃا تائين پي ٽي آءِ باني جو اِهو خط پڙهيو يا ڏٺو ناهي.پي ٽي آءِ چيئرمين موجب، عمران خان خط جو متن پاڻ پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته فوج جون وڏيون قربانيون آهن، فوج طرفان خط تي رسپانس اچي ٿو ته اسان آجيان ڪنداسين. فوجي قيادت سان رابطي واري سوال تي بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته هڪ گڏجاڻي ٿي هئي جنهن ۾ امن امان بابت ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ان کانسواءِ ٻي ڪا به ميٽنگ ناهي ٿي. واضح رهي ته عمران خان گذريل ڏينهن آرمي چيف کي خط لکيو هو جڏهن ته هو ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به خط لکي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو