راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)عيد الفطر کان اڳ، باني پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان جو سامان اڊياله جيل پهچايو ويو. ذريعن موجب، عمران خان لاءِ موڪليل سامان ۾ عيد تي پائڻ لاءِ 4 نوان جوڙا، جوتا ۽ ويسٽ ڪوٽ شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته، عمران خان جا ڪپڙا جيل انتظاميا جي حوالي ڪيا ويندا. گذريل ڏينهن، راولپنڊي جي انسداد دهشتگردي عدالت باني پي ٽي آءِ عمران خان کي ڪتاب فراهم ڪرڻ ۽ ٻارن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت عمران خان جي درخواستن تي جيل اختيارين کي حڪم ڏنو ته فوري طور تي ڪتابن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. عدالتي حڪم موجب، عيد کان اڳ باني پي ٽي آءِ کي پنهنجي ٻارن سان ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، ڇو ته عيد هڪ مذهبي رسم آهي، تنهن ڪري درخواستگذار جي ٻارن سان فوري ڳالهه ڪرائي وڃي. اڊياله جيل کان واپسي تي، باني پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، جيل انتظاميا عدالتي حڪم وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيل عملي پهريان عدالتي حڪم جي تصويرون وٺي، جيل سپرنٽنڊنٽ کي ڏيکاريون، پوءِ عدالتي حڪم جي فائل اندر گهرائي ۽ آخرڪار واپس ڪري ڇڏي. فيصل ملڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته، جيل اختيارين چيو ته عدالتي حڪم ڊاڪ ذريعي موڪليو وڃي.
