9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن 4 ڪيسن ۾ خان جي ضمانت منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي 9 مئي 2023 تي ٿيل باهه ۽ گهيرو ڪرڻ بابت 4 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي. ڊان نيوز جي رپورٽ موجب عدالت پي ٽي آءِ جي باني جي 4 ڪيسن ۾ ضمانت واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون، فيصلو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ٻڌايو.رپورٽ موجب مسلم ليگ (ن) جي آفيس کي باهه ڏيڻ ۽ ڪلما چوڪ تي ڪينٽين کي باهه ڏيڻ سميت ٻين ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي. پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب سيد فرهاد علي شاهه پراسيڪيوٽر طرفان دليل مڪمل ڪيا. ان کان اڳ خان جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته 9 مئي تي خان لاهور ۾ موجود ئي نه هو، ڪيس ڪوڙا آهن، حڪومت وٽ ڪو ثبوت ناهي، هي انقامي ڪاروائي آهي. ياد رهي ته 9 مئي تي ٽوڙ ڦوڙ جا 8 ٻيا ڪيس به داخل آهن جن ۾ ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي 30 نومبر تي رکيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو