اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندوخيل چيو آهي ته جڏهن توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي آهي ته اٽارني جنرل آفيس پراسيڪيوٽر بڻجي ويندو آهي.جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي باني خلاف حڪومت جي توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هن ڪيس ۾ سينئر وڪيل سلمان اسلم بٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، پر هو اڄ موجود نه آهي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهين عدالت ڪيس ۾ درخواست ڏيندڙ جو ڪم صرف معلومات فراهم ڪرڻ آهي، معلومات عدالت تائين پهچي چڪي آهي، هاڻي حڪومت جو ڪم ختم ٿي چڪو آهي.سلمان اسلم بٽ جي غير حاضري سبب عدالت ٻڌڻي غير معینہ مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
