لاهور: (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم شهباز شريف جي 10 ارب رپين جي هرجاڻي واري ڪيس ۾ عدالتي اختيار ڏيڻ خلاف درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري محمد اقبال پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي درخواستگذار جي وڪيل کي 20 فيبروري تي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو.
