خان سان ملاقات لاءِ هفتي ۾ 2 ڏينهن مقرر، ميڊيا ٽاڪ تي پابندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات لاءِ ٻه ڏينهن، اڱارو ۽ خميس مقرر ڪيا آهن ۽ ملاقات کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کان پوءِ ڪا به ميڊيا ٽاڪ نه هوندي. جيڪو به پي ٽي آءِ باني سان ملندو اهو ميڊيا سان نه ڳالهائيندو.عدالت چيو آهي ته صرف باني پي ٽي آءِ ڪوآرڊينيٽر پاران ڏنل نالو ئي ملاقات ڪري سگهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو