عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ کي ججن ۽ عدليا جي بي عزتي قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته عدالتي حڪمن باوجود عمران خان سان ملاقات نه ڪرائي وئي اڄ توهين عدالت ڪئي وئي، هي اسان جي نه پر ججن ۽ عدليا جي بي عزتي آهي، عدليا جي ساک ۽ عزت بچائڻ ججن جو ڪم آهي، اسان جو نه. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ ججن جي بي عزتي آهي ۽ عدليا جي ساک کي بچائڻ ججن جي ذميواري آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته آئين ۽ قانون جون بکيا اڊيڙيا ويا، عدالتي حڪم موجب اڊيالا جيل جي سپريٽينڊنٽ ملاقات جي يقين خاطري ڪرائي هئي، پر 4 ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ باوجود به ملاقات نه ڪرائي وئي. هن جو چوڻ هو ته جيل انتظاميا انٽيليجنس اختيارين جي حڪمن تي عمل ڪيو ۽ ملاقات نه ڪرائي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا چيو ته عدالتي حڪم جي بي توقيري ڪئي وئي، جنهن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ باني جي ترجمان نياز الله نيازي جو چوڻ هو ته عدليا جي حڪم کي نه مڃيو ويو، هاڻي عدليا جي ساک جو سوال آهي ۽ توهينِ عدالت جي درخواست تيار ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو