عمران خان ساهيوال سانحي جي متاثرن ۾ ٽي ڪروڙ جا امدادي چيڪ ورهايا

لاهور (م ڊ) وزيراعظم عمران خان وزيراعليٰ هائوس ۾ ساهيوال سانحي جي متاثرين سان تعزيت ڪندي کين ٽي ڪروڙ روپين جا امدادي چيڪ ڏنا. عمران خان چيو ته انساني جان جي ڪا به قيمت ناهي پر حڪومت اوهان سان مشڪل وقت ۾ گڏ آهي. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار پڻ موجود هو. ياد رهي ته هلندڙ سال جنوري ۾ جي ٽي روڊ تي پنجاب جي دهشتگردي جي خاتمي واري فورس جي اهلڪارن معصوم عريبه ۽ سندس والدين خليل ۽ نبيلا سميت چئن ڄڻن کي دهشتگرد ڄاڻائي گوليون هڻي قتل ڪيو هو. مارجي ويل چوٿين شخص ذيشان جاويد بابت پوليس دعويٰ ڪئي ته هن جو تعلق پابندي مڙهيل جماعت سان هو ۽ دهشتگردي جي وارداتن م ملوث هو. جڏهن ته عدالتي جانچ ۾ ذيشان کانسواءِ ٽن ٻين کي بيگناه قرار ڏنو ويو هو

پهنجو تبصرو موڪليو