عمران خان طرفان آرمي چيف کي لکيل خط اڃا تائين کيس ناهي مليو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان آرمي چيف کي لکيل خط اڃا تائين کيس ناهي مليو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، عمران خان طرفان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي لکيل خط اڃا تائين موصول ناهي ٿيو.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيا تي خبر سامهون آئي ته پي ٽي آءِ باني ڪو خط لکيو آهي.ياد رهي ته عمران خان گذريل ڏينهن آرمي چيف کي خط لکيو هو جڏهن ته هو ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به خط لکي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو