اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي هدايت تي وڪيل فيصل چوڌري کي قانوني ٽيم مان ڪڍيو ويو.ذريعن موجب، اهو فيصلو اڊيالا جيل ۾ وڪيلن ۽ پي ٽي آءِ باني جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو، ۽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا پي ٽي آءِ باني کي فيصل چوڌري جي بيانن بابت آگاهه ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني فيصل چوڌري کي وڪيلن جي ٽيم مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني. فيصل چوڌري کي پي ٽي آءِ وڪيلن جي واٽس ايپ گروپ مان به ڪڍيو ويو.ذريعن موجب فيصل چوڌري کان ڪيس ۽ ٻيون قانوني ذميواريون واپس ورتيون ويون.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته وڪيلن جي ملاقات دوران مشعال يوسفزئي تي به بحث ٿيو ۽ بشريٰ بي بي مشال يوسفزئي کي ايندڙ ملاقات ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
